اسلام آباد – 30 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي پرڏيهي معاملن واري ڪميشن جي ڊائريڪٽر يا??گ جيچي ۽ سندس وفد جي آجيان ڪندي چيو ته يا??گ جيچي پاڪستان جو مخلص دوست آهي ۽ هو پاڪستان جي ح??وم?? ۽ عوام پاران چيني وفد کي ڀليڪار چ??ي ٿو. وزيراعظم شهباز شريف سان ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا جي پرڏيهي معاملن واري ڪميشن جي ڊائريڪٽر يا??گ جيچي جي سربراهي ۾ وفد ملاقات ڪئي. ان موقعي تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، مملڪتي وزير حنا رباني کر، منصوبابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير احسن اقبال ۽ ??يا به موجود هئا. وزيراعظم چيو ته هو پاڪستان جي ح??وم?? ۽ عوام پاران چيني وفد جي آجيان ڪري ٿو. هن يا??گ جيچي سان 2015ع ۾ چيني صدر جي دوري جي موقعي تي ٿيندڙ ملاقات جو ذڪر ڪندي چيو ته چيني صدر جي وفد جي اهم ميمبر جي حيثيت سان يا??گ جيچي اهم ڪردار ادا ڪيو هو. چيني صدر سان ان وقت مختلف معاهدن تي صحيحون ڪيون هيون جيڪا اصل ۾ سي پيڪ جي شروعات هئي. وزيراعظم چيو ته يا??گ جيچي پاڪستان جو مخلص دوست آهي، جنهن سدائين پاڪستان جي ڪاز جي حمايت ۽ ٻنهي ملڪن کي ويجهو آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. وزيراعظم پنهنجي بيج??گ جي دوري جو به ذڪر ڪيو، جڏهن ساڻس يا??گ جيچي سان ملاقات ٿي ته هن چيو ته سي پيڪ جا منصوبا، سيڙپڪاري ۽ واپار جي لاءِ انهن جو ٿورائتو آهيان. يا??گ جيچي چيني صدر ۽ وزيراعظم پاران نيڪ خواهشن جو پيغام پهچايو ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ پاڪستان سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي راهه تي گامزن ٿيندو.