اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته هن ڀيري اسان کي ??زا??ي جو ??ها??و ان عز?? سان ملهائڻ گهرجي ته ڪشميرين کي ڀارتي ظلم ۽ جارحيت کان ڇوٽڪارو ڏيارينداسين ۽ آخري دم تائين ڪشميرين جو ساٿ نه ڇڏينداسين. 5 آگسٽ تي ملهائجندڙ استحصال ??ها??ي جي حوالي سان اي پي پي سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو ته استحصال ??ها??و ان ڳالهه جو گهرجائو آهي ته پاڪستان سميت سڄي عالمي برادري ڪشميرين جي ڀارتي ظلمن مان جان ڇڏرائڻ جي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري ۽ هن ڀيري اسان کي ??زا??ي جو ??ها??و ان عز?? سان ملهائڻو پوندو ته اسان مظلوم ڪشميرين جي ڀارتي ڏاڍ کان ڇوٽڪارو ڏيارينداسين ۽ آخري دم تائين ڪشميرين جو ساٿ نه ڇڏينداسين ۽ نه ئي ڪنهن قرباني کان ڪيٻائينداسين. هن چيو ته اسان عالمي برادري کان مطالبو ڪريون ٿا ته ڪشميرين تي ڀارتي ظلمن ۽ ڀارت جي ڪنڊڪڙڇ ۾ مسلمانن ۽ ڪشميرين جي نس?? ڪشي جو انسانيت جي ناطي نو??يس وٺي. هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ڪشميرين سان رکيو ويندڙ اڻوڻندڙ سلوڪ تمام وڏو انساني الميو آهي ان تي عالمي ضمير کي جهنجهوڙڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان ڪشميرين جي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت سدائين جاري رکندو.