ڪراچي-06 سيپٽمبر (اي پي پي) وفاقي وزير شازيه مري چيو آهي ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي هاڻي تائين برسات ۽ ٻوڏ متاثرن ۾ 19.74 ارب رپيا ورهايا ويا آهن. جا??ي بيان مطابق وفاقي وزير چيو ته سنڌ، پنجاب، بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي جي ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ فلڊ رليف ڪيش پروگرام ذريعي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام 25 هزار في خاندان جي مالي امداد ڪري رهيو آهي. هن چيو ته وفاقي حڪومت بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريع?? سڄي ملڪ ۾ هاڻي تائين 789631 ٻوڏ سٽيل خاندانن ۾ 25 هزار رپيا في خاندان ۽ مجموعي طور تي 19.74 ارب رپين جي مالي امداد ورهائي آهي. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت سنڌ صوبي ۾ هاڻي تائين 464989 ٻوڏ متاثر ڪٽنبن ۾ 11 ارب 71 ڪروڙ کان وڌيڪ مالي امداد ورهائي وئي آهي جڏ??ن ته ٻوڏ متاثرن جي مالي امداد لاءِ سنڌ صوبي جي 100 تعلقن ۾ 221 ڪيمپ سائٽس قائم ڪيون ويون آهن. جا??ي بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته وفاقي وزير شازيه مري جي هدايتن تي نادرا سنڌ ۽ بلوچستان جي ڪجهه ٻوڏ متاثر ضلع?? ۾ ??ينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي مستحق ماڻهن جي شناختي ڪارڊ جي ايڪسپائري جو شرط به ختم ڪري ڇڏيو آهي ۽ هاڻ انهن متاثر علائق?? ۾ ??ه ٻوڏ متاثر جي ما??ي معاونت ڪئي پئي وڃي.