نيويارڪ – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته گڏيل قومن جي منشور، اصولن تي پنهنجي وابستگي، اعتماد کي ورجائڻ، انهن اصولن جي بنياد تي وڏي ۽ ننڍين رياستن جي وچ ۾ تڪرارن جي حل کي فروغ ڏيڻ ضروري آهي، گذريل 7 ڏهاڪن دوران ڀارت ڄمون ۽ ڪشمير تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد جي لاءِ گڏيل قومن جي مڪينزم جي ڪوششن ۾ رڪاوٽون وڌيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي موقعي تي ثالثي جي ذريعي انساني بحران کان بچڻ بابت گڏيل قومن جي ثالثي دوست گروپ جي 12 هين وزارتي اجلاس کي ??طاب ڪندي ڪيو. هن چ??و ته بليڪ سي گرين انيشيٽو جي ڪ??مي??بي سان ثالثي ڪرڻ تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ۽ ترڪيءَ جي صدر اردوان جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. هن چ??و ته تڪرارن جي روڪٿام ۾ گڏيل قومن جو اهم ڪردار آهي، گڏيل قومن جو منشور بحران جي تڪرارن جي حل لاءِ هڪ ٺوس فريم ورڪ آهي، تڪرارن جي ڪنهن به مرحلي تي سلامتي ڪائونسل ڌرين کي پنهنجي تڪرارن جي حل جي مناسب طريقيڪار يا طريقن جي سفارش ڪري سگهي ٿي جنهن ۾ منشور جي باب 6 تحت ثالثي به شامل آهي. هن چ??و ته آرٽيڪل 37 ۽ 38 تحت سلامتي ڪائونسل جي ڌرين کي ??ل جي شرن جي سفارش ڪرڻ جو اختيار به حاصل آهي، جيڪڏهن اهي ان جي درخواست ڪن ٿا يا جيڪڏهن ڪائونسل اهو سمجهي ٿي ته انهن جي وچ ۾ تڪرارن جو جاري رهڻ ۽ حقيقتون عالمي امن ۽ سلامتي جي قيام کي ??طري ۾ وجهي سگهن ٿا، سلامتي ڪائونسل ان بنيادي مينڊيٽ تي عملدرآمد جي لاءِ ثالثي ڪرڻ جي لاءِ ذيلي ادارا به قائم ڪيا آهن. هن چ??و ته منشور تي صحيحون اٽڪل 77 سالن کانوءِ امن ۽ سلامتي کي ??رپيش چئلينجز ۽ خطرا وڌيڪ پيچيده آهن پر چارٽر جي مقصدن ۽ اصول بدستور درست ۽ ناقابل تغير آهي، انهن اصولن تي پنهنجي وابستگي ۽ اعتماد کي ورجائڻ ۽ انهن اصولن جي بنياد تي وڏي ۽ ننڍين رياستن جي وچ ۾ تڪرارن جي حل کي فروغ ڏيڻ ضروري آهي. پرڏيهي وزير چ??و ته سيڪريٽري جنرل جو امن جي لاءِ سفارتڪاري ۾ اضافي جو بار بار مطالبو فوري ۽ اهم آهي ۽ سفارتڪاري جي ان مقصد کي ??اصل ڪرڻ جي لاءِ گڏيل قومن کي ??ڪرارن جي حل لاءِ ثالثي سميت ٻين ذريعن کي ??ستعمال ۾ آڻڻ گهرجي. هن چ??و ته جيتوڻيڪ گڏيل قومن کي ??ڪرارن جي سياسي حل ۾ ثالثي ڪرڻ ۾ ڪيتريون ئي ڪ??مي??بيون مليون آهن پر ان کي وڌيڪ ڪ??مي??بين جي لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي. هن چ??و ته ڄمون ۽ ڪشمير جو تڪر??ر ڪائونسل جي ايجنڊا تي پراڻن تڪرارن مان هڪ آهي، شروع ۾ سلامتي ڪائونسل فيصلو ڪ??و ته رياست ڄمون ۽ ڪشمير جو حتمي فيصلو عوام جي امنگن موجب حل ڪيو ويندو جنهن جو اظهار جمهوري طريقي سان گڏيل قومن جي اهتمام هيٺ آزاداڻي ۽ غيرجانبدراڻي راءِ شماري جي ذريعي ڪيو ويندو، سلامتي ڪائونسل ڄمون ۽ ڪشمير بابت پنهنجي فيصلن تي عملدرآمد جي لاءِ ڪيترائي مڪينزم به قائم ڪيا، انهن ۾ گڏيل قومن جي ڀارت ۽ پاڪستان بابت ڪميشن، پاڪستان ۽ ڀار?? ۾ ??ڏيل قومن جي فوجي مبصر گروپ جي مقرري ۽ پاڪستان ۽ ڪيترن ئي خصوصي نمائندن جي مقرري شامل آهي. بلاول ڀٽو زرداري چ??و ته بدقسمتي سان گذريل 7 ڏهاڪن دوران ڀارت ڄمون ۽ ڪشمير تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد جي لاءِ گڏيل قومن جي مڪينزم جي ڪوششن ۾ رڪاوٽون وڌيون، ڀارت جي غيرقانوني قدمن جو تسلسل 5 آگسٽ 2019ع تي ۽ ان کانپوءِ کان ڄمون ۽ ڪشمير جي والاريل علائقي کي قانوني جواز يا راءِ شماري کانسواءِ الحاق ڪرڻ جي هڪطرفي قدمن مان ظاهر ٿيو، ان مقصد جي لاءِ پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۽ سيڪريٽري جنرل پاران وڌيڪ فعال ڪردار جو خواهشمند آهي. هن گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل تي زور ڏنو ته هو گڏيل قومن جي منشور جي آرٽيڪل 99 تحت ثالثي جي قدمن کي ??ستعمال ۾ آڻي ته جيئن ڀارت کي پنهنجي هڪطرفي قدمن کي واپس وٺڻ ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرارن جي منصفاڻي حل تي عملدرآمد تي راضي ڪري سگهجي، ان تڪرار بابت سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ گڏيل قومن جي منشور تي عملدرامد جي لاءِ سلامتي ڪائونسل کي ??يڪريٽري جنرل جي مڪمل حمايت ڪرڻ گهرجي. هن چ??و ته پاڪستان کي هن گروپ جو ميمبر هجڻ تي فخر آهي.