اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم او??نگزيب چيو آهي ته عمران ن??ازي ايبسليوٽلي فراڊ، منافق، فارن فنڊيڊ فتنو آهي، عوام ان جي فراڊ ۾ اچڻ کان بچي، ان جي شخصيت رڳو ڪ??ڙ تي ٻڌل آهي، صدر به کيس ڪوڙو شخص قرار ڏئي چڪو آهي. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران ن??ازي صبح ٻنپهرن شام ڪوڙ ڳالهائي ٿو، ان جو ڪ?? رڳو ڪ??ڙ ڳالهائڻ، ڪوڙ ڳالهائڻ جو سبق سيکارڻ ۽ ان جي تلقين ڪرڻ آهي، عمران ن??ازي جي شخصيت رڳو ڪ??ڙ تي ٻڌل آهي. هن چيو ته عمران ن??ازي کان سوال پڇو ته هو ٻين کان سوال پڇڻ شروع ٿي وڃي ٿو، ان کان ممنوعه فنڊنگ جو سوال ڪيو وڃي ته چوي ٿو ته ٻين پارٽين جي فنڊنگ به ٿي آهي. هن چيو ته ممنوعه فنڊنگ ڪيس جو فيصلو پي ٽي آءِ ۽ عمران خان جي خلاف آيو آهي، عمران خان ٻين پارٽين جي فنڊنگ ۽ اڪائونٽبليٽي جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن ۾ ڪو ثبوت پيش نه ڪري سگهيو، ان جي ڪوشش رڳو هڪ بيانيو ٺاهڻ آهي ته ايترو ڪ??ڙ ڳالهايو جو سچ لڳڻ لڳي. مريم او??نگزيب چيو ته عمران ن??ازي کان ان جي چوري تي پڇو ته هي ٻين تي چوري جو الزام هڻي ڇڏي ٿو. هن چيو ته عمران خان جي صورتحال هن وقت اها آهي ته ”ياد ماضي عذاب آهي يا رب، کسي وٺ مون کان حافظو منهنجو.“ عمران خان چار سال تائين ملڪ جو وزيراعظم رهيو، پنهنجي اختيارن جو ناجائز استعمال ڪيو، سياسي مخالفن کي بليڪ ميل ڪرڻ جي لاءِ ڪڌا حربا اختيار ڪيا، ان وقت جي ايف آءِ اي جي ڊائريڪٽر جنرل کي پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي قيادت جي خلاف هٿ ٺوڪيا ڪيس داخل ڪرڻ تي مجبور ڪيو. طيبه گل کي وزيراعظم هائوس ۾ حبس بيجا ۾ رکيو ۽ نيب ڊي جي کي بليڪ ميل ڪيو، احتساب جي پوري مشينري ۽ رياستي طاقت جو بيجا استعمال ڪيو ۽ اڄ چوي ٿو ته مريم نواز، حسن ن??از ۽ حسين ن??از ڪٿي رهن ٿا. هن چيو ته جيڪڏهن عمران ن??ازي وٽ شريف فيملي جي خلاف ثبوت هئا ته ڇو پيش نه ڪيا، ايون فيلڊ ۾ نيب ڇو ثبوت پيش نه ڪري سگهيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران ن??ازي شهباز شريف کي ٻه ڀيرا گرفتار ڪيو، کيس ڪوٽ لکپت ۽ اڊيالا جيل ۾ رکيو پر ان جي خلاف ڪو ثبوت پيش نه ڪري سگهيو. مريم او??نگزيب چيو ته عمران ن??ازي بار بار ڪوڙ ڳالهائي الزام هڻي ٿو. هن چيو ته عمران ن??ازي پنهنجو قد وڌائڻ ۽ پنهنجي سياست چمڪائڻ جي لاءِ نواز شريف، شهباز شريف ۽ مريم نواز تي الزام هڻي ٿو، هي اهو فتنو آهي جيڪو هن ملڪ جي اندر چار سال تائين اقتدار تي قابض رهيو، بنا جاچ جي هن سياسي مخالفن کي گرفتار ڪيو، موت جي سزا جي چڪين ۾ رکيو پر انهن تي هڪ الزام ثابت نه ڪري سگهيو. هن چيو ته عمران ن??ازي وزيراعظم هائوس جي آڊيو ليڪ ٿيڻ تي عدالت سان رجوع ڪرڻ جو ڪ??ڙي منهن سان چئي رهيو آهي، ان تي جي آءِ ٽي ٺهي چڪي آهي، هن کي جي آءِ ٽي ۾ پيش ٿيڻو آهي. پريس ڪانفرنس ۾ عمران خان جون ٻه وڊيو به ميڊيا آڏو پيش ڪيون ويون. هڪ وڊيو ۾ عمران خان وزيراعظم ۽ وزيراعظم هائوس جي ٽيليفون ٽيپ ٿيڻ جي حق ۾ چئي رهيو آهي ته اهو پروٽيڪشن جي لاءِ آهي، هو ان کي قانوني بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي جڏهن ته ٻي وڊيو ۾ هو ان تي يوٽرن وٺندي ان جي مخالفت ڪري رهيو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران ن??ازي جي وڊيو ڪ??پس ڏسي انسان جو عقل دنگ رهجي وڃي ٿو ته پاڪستان جي 75 سالا تاريخ ۾ هي پهريون وزيراعظم هو جيڪو وزيراعظم آفيس ۽ وزيراعظم جي رڪارڊنگ کي قانوني قرار ڏئي رهيو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته آڊيو ليڪس اچڻ کانپوءِ عمران ن??ازي جو ٻاهرئين سازش جو بيانيو دفن ٿي ويو، صدر به چئي چڪو آهي ته ڪا ٻاهرئين سازش نه ٿي، صدر علوي پي ٽي آءِ جو جنرل سيڪريٽري به رهي چڪو آهي ۽ هو عمران خان جي ويجهي ساٿين ۾ شمار ٿئي ٿو. مريم او??نگزيب چيو ته آڊيو ليڪ ۾ عمران خان پاڻ چيو ته سائفر سان کيڏڻو آهي، جيڪڏهن ٻاهرئين سازش ٿي هئي ته ان سان کيڏڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي؟ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان کي ٽيبل، ڪرسيءَ ۽ مائيڪ رکي عوام کي ٻڌائڻ گهرجي ته ٻاهرئين سازش 7 مارچ تي ٿي، 27 مارچ تائين ان سازش سان راند کيڏي، 28 مارچ تي ان ۾ فارن آفيس کي شامل ڪيو ۽ ملڪي مفاد کي داءُ تي لڳايو. عمران ن??ازي سائفر جا منٽس تبديل ڪيا، ان کي فيبريڪيٽيڊ ڪيو ۽ ان کانپوءِ ان جي ڪاپي کڻي فرار ٿي ويو. هن چيو ته عمران ن??ازي فارن فنڊيڊ فتنو ايبسليوٽلي فراڊ آهي جڏهن عدالت ويندو ته ڪهڙي منهن سان ويندو، ڇا هو عدالت ۾ پنهنجي وڊيو ڪ??پ هلائي ٻڌائيندو ته ان وقت جو وزيراعظم جيڪو هي ڪيس عدالت ۾ کڻي آيو آهي، اهو چوندو هو ته وزيراعظم هائوس ۽ وزيراعظم جي ٽيليفون جي رڪارڊنگ ٿيڻ گهرجي جيڪو ان کي قانوني بڻائيندو رهيو ۽ چوندو رهيو ته اهو پروٽيڪشن جي لاءِ هوندو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته هي عدالت وڃڻ جو نه عمران خان جي جيل وڃڻ جو وقت آهي. هن چيو ته عمران ن??ازي قوم جي تقدير سان کيڏيو، هڪ ڪروڙ نوڪرين جو جهانسو ڏنو، 50 لک گهرن جو ڪ??ڙو واعدو ڪ??و، 90 ڏينهن ۾ ڪرپشن ختم ڪرڻ جو واعدو ڪ??و پر پاڻ ڪرپٽ ۽ ڪوڙو ثابت ٿيو. هن چيو ته عمران ن??ازي جڏهن اقتدار ۾ آيو ته هن صحيح ۽ غلط جي فڪر ڪرڻ کانسواءِ ملڪ جي معيشت ۽ سياست سان کيڏيو، ڪشمير جو سودو ڪ??و، هي چوندو هو ته مودي کٽي ويو ته ڪشمير آزاد ٿي ويندو، عمران ن??ازي پنهنجي سياسي مخالفن جي خلاف ڪيس ٺاهڻ جي لاءِ نيب چيئرمين کي بليڪ ميل ڪيو، طيبه گل کي وزيراعظم هائوس ۾ بند ڪيو، سياسي مخالفن جي خلاف ڪيسز ٺاهيا، انهن کي جيلن ۾ وڌو ۽ عدالتن ۾ کڻي ويو پر ثبوت نه هجڻ جي ڪري انهن جون ضمانتُون ٿيون ۽ اڄ اهي سرخرو ٿيا. هن چيو ته عمران ن??ازي اڄ خوف ۾ ورتل آهي، ان جي دماغ تي گهرو اثر آهي. هن چيو ته عوام کي گهرجي ته هو ان فارن فنڊيڊ فتني کان بچي، هي ماڻهن کي بيوقوف بڻائي ٿو ۽ بند ڪمرن ۾ ويهي انهن تي کلي ٿو، هي ايبسليوٽلي فراڊ شخص آهي. هن چيو ته عمران خان جي ڪرپشن، چوري ۽ ڌاڙن جي ايف آءِ اي ۾ جاچ ٿي رهي آهي، جڏهن ان جي چوري ۽ سازش بي نقاب ٿئي ٿي ته هي پنهنجو دماغي توازن وڃائي ويهي ٿو. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته حڪومت انهن سمورن خرچن جو ڪاٿو لڳايو آهي جيڪي لانگ مارچ دوران ملڪ ۾ امن امان برقرار رکڻ تي ٿيندا. هن چيو ته عمران خان جي احتجاجن جي ڪري عوام جي سيڪيورٽي تي ڪروڙين رپين جو خرچ اچي ٿو، اها رقم اسڪولن، اسپتالن ۽ ٻوڏ متاثرين تي خرچ ٿي سگهي ٿي پر اها رقم فارن فنڊيڊ فتني جي لانگ مارچ ۽ احتجاجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ رکي ويندي. هن چيو ته عمران ن??ازي انتشار، فتنو پکيڙڻ ۽ عدم استحڪام پيدا ڪرڻ جي لاءِ وفاق تي ڪاهه ڪرڻ چاهي ٿو. هن چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت آهي، اڄ خيبرپختونخواهه جي اندر سرڪاري ملازم رستن تي آهن، صوبو ڪ??گال ٿيڻ تي آهي، صوبي ??ٽ پگهارون ادا ڪرڻ جي لاءِ پئسا نه آهن، اتي سرڪاري ملازمن کي پٿر هنيا پيا وڃن. هن چيو ته هن شخص پنهنجي چار سالن ۾ پنجاب جو جيڪو حال ڪيو آهي اهو به سڀني جي سامهون آهي. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته اسان جو مقصد سياسي انتقام وٺڻ هجي ها ته عمران ن??ازي 13 اپريل تي گرفتار ٿي چڪو هجي ها، عمران ن??ازي پنهنجي دور ۾ سياسي انتقام تي ماڻهن کي بنا ڪيسز جي گرفتار ڪيو هو. هن چيو ته عمران ن??ازي جي خلاف موجود ڪيسز چار پنجن مهينن جي جانچ تي ٺهيا آهن، ممنوعه فنڊنگ ۾ اليڪشن ڪميشن جو فيصلو آهي، ان جي پوري جاچ کانپوءِ قدم قانون موجب کنيا پيا وڃن. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته ميڊيا ورڪرز جي پگهارن جي ادائيگي جي حوالي سان ڪميٽي ٺاهي آهي، نوائي وقت جي ملازمن جا مسئلا به ڏسنداسين، ڪئميرا مينن سان زيادتي ٿيڻ نه ڏينداسين.