اسلام آباد – 03 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان تي قا??لا??ي حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته اهو حملو افسوسناڪ، ڳڻتي جوڳو، مڪروهه فريب سان ڀريل ۽ بزدلاڻو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ ??اران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف عل??ي چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي قا??لا??ي حملي ۾ بچي وڃڻ تي الله تعاليٰ جا شڪر ادا ڪريان ٿو، ان جي ٽنگ ۾ ڪجهه گوليون لڳڻ سان هو زخمي ٿيو آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته سندس حالت نازڪ نه آهي. هن چيو ته اهو حملو افسوسناڪ، ڳڻتي جوڳو، مڪروهه فريب سان ڀريل ۽ بزدلاڻو آهي، الله ان کي ۽ سمورن زخم??ن کي صحت عطا فرمائي.