شرم الشيخ – 08 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسرندڙ ۽ ڪمزور ملڪن جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ شفاف طريقيڪار تحت موسمياتي فنانس جي نئين، اضافي ۽ پائيدار وسيلن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته موسمياتي تباهي جي فرنٽ لائينز تي موجود ماڻهن جي حقيقي بحالي جي ضرورتن کي برقرار رکڻ جي لاءِ موجوده مالياتي فرق تمام وڌيڪ آهي، گڏيل قومن جي نظام تحت هڪ عالمي موسمياتي رسڪ انڊيڪس ٺاهڻ گهرجي، اهو ه??ڻي يا ڪڏهن نه وارو معاملو آهي، پيرس معاهدي ۾ بيان ڪيل طريقيڪار کان به وڌيڪ ذميوارين جو احترام ٿيڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن يو اين ڪلائميٽ چينج ڪانفرنس ڪوپ – 27 جي سربراهه اجلاس کي خطاب ۾ قومي موقف پيش ڪندي ڪيو. وزيراعظم ڪوپ – 27 ڪانفرنس جي ميزباني تي م??ر جي صدر عبدالفتح السيسي کي م??ارڪباد ڏيندي چيو ته ڪوپ – 27 واحد پليٽ فارم آهي جتي انساني نسل جي بقاءَ کي هڪ مقصد جي طور تي نظر ۾ رکيو وڃي ٿو. هي هڪ اهڙو فورم به آهي جتي ڪمزور ملڪ پنهنجو معاملو امير ۽ وسيلا رکندڙ ملڪن آڏو پيش ڪر?? سگهن ٿا ته جيئن انصاف جو گڏيل مقصد حاصل ٿئي ۽ هڪ اهڙي دنيا ۾ ضروري پاليسين جي بحالي جي لاءِ هڪ روڊ ميپ اختيار ڪر?? سگهجي جيڪو اسان جي صلاحيت کان وڌيڪ تيزي سان بحالي ۾ مدد ڏي. هن چيو ته پاڪستان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سان 33 ملين ماڻهو متاثر ٿيا جن ۾ اڌ کان وڌيڪ عورتون ۽ ٻار شامل آهن. ملڪ جي ڏاکڻي علائقن ۾ معمول کان وڌيڪ برساتون ٿيون، اسان پگهرجندڙ گليشيئرز سان ٿيندڙ تباهي کان بچڻ جي لاءِ ڪوششون ڪر?? رهيا آهيون. هن چيو ته ٻوڏ جي ڪر?? ملڪ جي اتر ۾ 8 هزار ڪلوميٽر کان وڌيڪ رستا تباهه ٿيا، 3 هزار ڪلوميٽر ريلوي ٽريڪ کي نقصان پهتو ۽ سوين پليون تباهه ٿيون ۽ بيٺل فصل کي نقصان پهتو آهي. هن چيو ته اسان آهستي آهستي م??ڻهن کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ جي ڪوشش ڪر?? رهيا آهيون. وزيراعظم چيو ته ٻوڏ جي ڪر?? ملڪ ۾ 30 ارب آمريڪي ڊالر جو نقصان ٿيو. هن چيو ته اسان جي ملڪ جو ڪاربن گئسن جي اخراج ۾ حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي، پاڪستان جي لاءِ ترجيحون ڪڏهن به واضح نه رهيون. هن چيو ته فنانسنگ ۽ ٽائيم لائين ٻنهي لحاظ کان موافقت جي عالمي هدف کي ترجيح ڏيڻ جي ضرورت آهي. اسان اڃا تائين موافقت ۽ ماليات جي حوالي سان واعدن ۾ توازن نه ڏٺو، موسمياتي تباهي جي فرنٽ لائينز تي موجود ماڻهن جي حقيقي بحالي جي ضرورتن کي برقرار رکڻ جي لاءِ موجوده مالياتي فرق تمام وڌيڪ آهي. هن چيو ته نقصانن کي پورو ڪرڻ جو معاملو ڪوپ – 27 جي بنيادي ايجنڊا جو حصو بڻائڻو پوندو ته جيئن انهن ماڻهن جي انساني ضرورتن کي پورو ڪر?? سگهجي جيڪي قرضن جي ڪر?? عوامي م??لي امداد جي بحران ۾ ڦاٿل آهن ۽ پوءِ به انهن کي پنهنجي طور تي موسمياتي آفتن جي لاءِ فنڊز فراهم ڪرڻا پئجي رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته ڪلائميٽ فنانس کي واضح طور تي نئين، اضافي ۽ پائيدار وسيلن جي طور تي هڪ شفاف طريقيڪار سان بيان ڪرڻ گهرجي جيڪو اسرندڙ ۽ ڪمزور ملڪن جي ضرورتن کي ان رفتار ۽ پئماني سان پورو ڪر?? ٿو جنهن جي ضرورت آهي. ه??ڻي ان ڳالهه تي به مڪمل وضاحت ٿيڻ گهرجي ته موسمياتي منتقلي ۽ ترقياتي م??ليات جو ڪيترو حصو آهي. هن چيو ته 2009ع ۾ ڪوپن هيگن ۾ ڪوپ – 15 ۾ 2020ع تائين ساليانو 100 ارب ڊالر فراهم ڪرڻ جا واعدا ڪيا ويا هئا پر اهي اڃا تائين پورا ناهن ٿيا. گڏيل قومن جي نظام تحت يو اين ايف سي سي سي جي سمورين ڌرين جو هڪ عالمي موسمياتي رسڪ انڊيڪس ٺاهڻ گهرجي. ان انڊيڪس ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪمزور ملڪن جي منصوبن کي ڪلائميٽ فنانس جي لاءِ ترجيح ۽ تيزي سان منظوري ملڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته موسمياتي تبديلي جي حوالي سان بار جي واضح ورڇ جي فارمولي جي بحالي جي ضرورت آهي. پيرس معاهدي ۾ بيان ڪيل طريقيڪار کان به وڌيڪ ذميوارين جي واعدي جو احترام ڪرڻ گهرجي. پاڪستان جي اين ڊي سيز ۾ 2030ع جي لاءِ خواهشون ڪيترن ئي ملڪن کان اڳ ۾ ئي وڌيڪ آهن پر اسان پنهنجي ذميوارين کان آگاهه آهيون. هن چيو ته جيستائين صلاحيتن، ماليات ۽ ٽيڪنالاجي جي وهڪري ۾ تبديلي نه ٿي اچي، اتر ۽ ڏکڻ جي وچ ۾ معاملا طئي نه ٿيندا. هن چيو ته تازي ٻوڏ دوران اسان ڪڻڪ، پام آئل، تيل ۽ گئس برآمد ڪيو. اسان پنهنجي وسيلن جو رخ لکين ٻوڏ متاثرين جي م??د جي لاءِ موڙي ڇڏيو آهي. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ذريعي لکين خاندانن کي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته سرديءَ جي موسم شروع ٿي چڪي آهي، اسان کي ٻوڏ متاثرين کي شيلٽرز، ميڊيڪل ٽريٽمينٽ ۽ خوراڪ فراهم ڪرڻي آهي ان جي لاءِ اسان اربين رپيا خرچ ڪر?? رهيا آهيون. هن چيو ته عالمي برادري پاران مشڪل وقت ۾ امداد تي ٿورائتا آهيون. هن چيو ته دنيا کي اسان جي م??ڪلاتن کي سم??هڻ گهرجي. ٻيا ملڪ به اهڙي موسمياتي يا انسان ساخته قدرتي آفتن جو شڪار ٿي سگهن ٿا. هن چيو ته اسان کي پنهنجي انفراسٽرڪچر جي بحالي ۽ نئين سر تعمير جي لاءِ قرضن بدران اضافي فنڊز جي ضرورت آهي. هن چيو ته کيس يقين آهي ته هن ڪوپ جي انعقاد سان ڪنوينشن ۽ پيرس معاهدي جا هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ گڏيل بنياد ملندو. اهو ه??ڻي يا ڪڏهن نه جو معاملو آهي ۽ اسان جي لاءِ واقعي ڪا ٻي زمين نه آهي.