اسلام آباد – 12 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چي?? آهي ته پاڪستان ۽ قازقستان جا لاڳاپا تاريخ، مذهب ۽ ثقافت سان ڳنڍيل آهن، پاڪستان وچ ايشيائي رياستن خاص طور تي قازقستان سان تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. ا??ڙن خيالن جو اظهار هن قازقستان پارليامينٽ (هيٺئين ايوان) جي چيئرمين يرلان ڪوشانوف جي قيادت ۾ 9 رڪني پارلياماني وفد سان ملاقات دوران ڪيو. وفد جي آجيان ڪندي وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ قازقستا?? جي لاڳاپ?? جي خصوصي نوعيت تي روشني وڌي جيڪي تاريخ، مذهب ۽ ثقافت ۾ گهرا ڳنڍيل آهن. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان وچ ايشيائي رياستن خاص طور تي قازقستان سان تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. قازقستا?? جي صدر قاسم جومارت توڪاليف سان آستانه ۾ سيڪا سربراهي اجلاس ۽ سمرقند ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس جي موقعي تي پنهنجي ملاقاتن کي ياد ڪندي وزيراعظم چيو ته ٻنهي ڌرين لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ نتيجاخيز ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن توانائي، ٽرانسپورٽ ۽ ٽرانزٽ ٽريڊ ۽ لاجسٽڪس جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي قائم ڪرڻ ۽ مضبوط ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته هو قازقستا?? جي صدر جي پاڪستا?? جي دوري جو منتظر آهي. هن ٻڌايو ته پاڪستان جلد ئي وچ ايشيائي رياستن سان سربراهي اجلاس جي ميزباني ڪندو جنهن ۾ علائقائي واپار ۽ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ رستي ۽ ريل رابطن تي ڌيان ڏنو ويندو. يرلان ڪوشانوف وزيراعظم کي بين الپارلياماني دوستي گروپ جي اجلاس بات آگاهه ڪيو جيڪو قازقستا?? جي پارلياماني وفد جي جاري دوري دوران منعقد ٿيو. هن پارلياماني وفد?? جي مٽاسٽا جي ضرورت تي زور ڏنو جنهن سان ٻنهي ڀائر ملڪ?? جي وچ ۾عوام جي وچ ۾ مٽاسٽا کي وڌيڪ فروغ ملندو. هن چيو ته قازقستان پاڪستا?? جي وڏي مارڪيٽ مان فائدو کڻي سگهي ٿو. هن ٻطرفي واپار ۽ رابطن، دواسازي جي صنعت ۽ سرجيڪل ۽ راندي?? جي سامان ۾ تعاون ۾ گهري دلچسپي ظاهر ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ٻطرفي واپار کي گهٽ مدي ۾ آساني سان ٻيڻو ڪري سگهجي ٿو. قازقستا?? جي عوام ۽ هڪومت پاران قازقستا?? جي پارليامينٽ جي هيٺئين ايوا?? جي چيئرمين پاڪستان ۾ تازي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي متاثري?? جي لاءِ دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ قومي اسيمبلي جو اسپيڪر راجا پرويز اشرف، پيٽروليم وارو مملڪتي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ ۽ وزيراعظم جو رابطن بابت خاص معاون سيد طارق فاطمي پڻ موجود هئا.