ابوظهبي – 12 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل عرب امارات جي قومي هيروز جي ياد ۾ تعمير ڪيل واحته ال??را??ته جو دورو ڪيو ۽ م??ڪ جي دفاع ۽ تحفظ جي لاءِ گڏيل عرب امارات جي شهيدن جي قربانين ۽ بهادري جي ڪارنامن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي م??ڪ جي دفاع ۽ ان جي تحفظ جي لاءِ گڏيل عرب امارات جي شهيدن جي قربانين ۽ بهادري جي ڪارنامن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ ابوظهبي ۾ قومي ۽ ث??اف??ي تاريخي مقام واحته ال??را??ته جو دورو ڪيو. وزيراعظم جو استقبال ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر مارٽرز فيمليز افيئر، آفيس خليفه بن تهنون ڪيو. وزيراعظم گارڊ آف آرنر جي پروقار تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ان کانپوءِ وزيراعظم شهيدن جي يادگار تي گلن جي چادر چاڙهي. وزيراعظم واحته ال??را??ته جو تفصيلي دورو پڻ ڪيو جتي کيس يادگار بابت بريفنگ ڏني وئي جيڪا اماراتي بهادر فوجين جي قربانين جي ياد ۾ تعمير ڪئي وئي آهي. وزيراعظم يادگار جي مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا خيال قلمبند ڪيا. واحته ال??را??ته گڏيل عرب امارات جي گادي واري شهر ابوظهبي ۾ هڪ قومي ۽ ث??اف??ي نشان آهي جيڪو گڏيل عرب امارات جي شهيدن جي بهادري ۽ يو اي اي جي دفاع ۾ انهن جي قربانين جي ياد ۾ قائم ڪيو ويو هو.