اسلام آباد – 30 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم ??حمد شهباز شريف چيو آهي ته پشاور حملي کانپوءِ قوم ڏک ۾ ٻڏل آهي، اهو حملو ??اڪ????ان تي حملي کان گهٽ نه آهي، دهشتگردي اسان جي قومي سلامتي جي لاءِ سڀ کان وڏو چئلينج آهي، ??اڪ??تاني قوم جي عزم کي اهڙي بزدلاڻي ڪاررواين سان ڪمزور نٿو ڪري سگهجي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته هينئر پشاور کان واپس آيو آهيان، انساني الميي جو ڪاٿو ناقابل تصور آهي، اهو ??اڪ????ان تي حملي کان گهٽ نه آهي، قوم ڏک جي احساس ۾ ٻڏل آهي. هن چيو ته ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته دهشتگردي اسان جي قومي سلامتي جو سڀ کان وڏو چئلينج آهي. هن چيو ته ڏکويل خاندانن جي درد کي لفظن ۾ ٻڌائي نٿو سگهجي پر آئون دلي تعزيت ۽ انتهائي اخلاص سان انهن سان همدردي جو اظهار ڪريان ٿو. هن چيو ته اڄ جي ان ??ڌي واقعي جي ذميوارن جي لاءِ منهنجو پيغام آهي ته توهان ??اڪ????ان جي عوام جي عزم کي ڪمزور نٿا ڪري سگهو.