پشاور – 19 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پيپلزپارٽي جي وفد سان گڏ جمعيت علماءِ اسلام جي مرڪزي امير مولانا فضل الرحمان جي اباڻي رهائشگاهه عب??الخيل ۾ مذهبي معاملن واري وزير عب??الش??ور جي لاڏاڻي تي ساڻس تعزيت ڪئي. وفاقي وزير قمر زمان ڪائره ۽ مملڪتي وزير فيصل ڪريم ڪنڊي پڻ پيپلزپارٽي جي چيئرمين سان گڏ هئا. بلاول ڀٽو زرداري ۽ وفد جي ٻين ميمبرن مفتي عب??الش??ور جي روح جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي. جي يو آءِ (ف) جي اڳواڻ مولانا ضياءَ الرحمان پيپلزپارٽي جي وفد جو عب??الخيل پهچڻ تي استقبال ڪ??و. بلاول ڀٽو زرداري اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جو خصوصي پيغام مولانا فضل الرحمان کي پهچايو. ملاقات ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف سان حڪمران اتحاد جي ڳالهين بابت معاملا پڻ بحث هيٺ آيا.