اسلام آباد-04 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ترڪيھ جي بزنس ڪميونٽي پاران پاڪستان ۾ جاري شراڪتداري کي هٿي ڏيڻ ۽ نون منصوبن ۾ گهري دلچسپي وٺڻ سٺو سنئوڻ آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظ?? چيو ته اهم ترڪ بزنس گروپن سان ملاقاتن دوران انهن پاڪستان ۾ زراعت، توانائي، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ تعميرات جي شعبن ۾ سيڙپڪاري ۽ واپار جي ضرورت تي روشني وڌ?? آهي. وزيراعظ?? چيو ته هلندڙ سال پاڪستان ۽ ترڪيھ وچ ۾ 31 مئي کان آپريشنل ٿيل شئين ۾ واپار جي تاريخي معاهدي سان بهترين موقعا پيدا ٿيا آهن. وزيراعظ?? چيو ته ايندڙ 3 سالن ?? ٻه طرفي واپار جي ڳاڻيٽي کي 5 ارب ڊالر سالياني تائين وڌائڻ جو هدف حاصل ڪري سگهجي ٿو. وزيراعظ?? چيو ته اها ڳ??لهه خوشي جهڙ?? آهي ته ترڪيھ جي بزنس ڪميونٽي پاڪستان ۾ جاري شراڪتداري کي هٿي ڏيڻ ۽ نون منصوبن ۾ گهري دلچسپي ظاهر ڪئ?? آهي.