بغداد – 07 – جون (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان ڪربلا جي گورنر نصيف جاسم الخطابي عراق جي سرڪا??ي دوري جي موقعي تي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ پاڪستان ۽ عراق جي وچ ۾ لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ پاڪستاني زائرين جي لاءِ ع??اق ۾ سهولتن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. پرڏيهي وزير ملاقات دوران ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته پاڪستاني زائرين جي لاءِ ع??اق ۾ سهولت مرڪز قائم ڪري رهيا آهيون. بلاول ڀٽو زرداري ار??عين ۽ عاشور جي ڏينهن ۾ پاڪستاني ڊاڪٽرز ۽ پيراميڊيڪس عراق ??وڪلڻ جي آڇ پڻ ڪئي.