اسلام آباد – 18 – جولاءِ (اي پي پي) ??زي??اعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته راندين جي شعبي جي لاءِ 5 ارب رپيا رکيا آ??ن، ٻيهر موقعو مليو ته تعليم، فني تعليم ۽ راندين جا ميدان ٺاهڻ جي لاءِ جيترا وسيلا گهربل هوندا مهيا ??نداسين، نوجوان ڪنهن به ملڪ جو سرمايو هوندا آ??ن، محدود وسيلن جي باوجود نوجوانن راندين جي ميدان ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪيو، پوري قوم ملڪ جو نالو روشن ڪندڙن کي خراج تحسين پيش ڪري ٿي، پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ گذريل ڏينهن 60 ڪروڙ ڊالر جو اضافو ٿيو، دوست ملڪن جي معاونت سان معاشي انگ اکر بهتر ٿي رهيا آ??ن، نوجوانن جي محنت ۽ جدوجهد سان پاڪستان اڳتي وڌندو، نوجوانن جي لاءِ جيترا وسيلا گهربل هوندا مهيا ??نداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن ??زي??اعظم يوٿ اسپورٽس انيشي ايٽو جاري ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي ??زي?? مريم اورنگزيب، بين الصوبائي رابطن وارو وفاقي ??زي?? احسان الرحمان مزاري، ??زي??اعظم جي نوجوانن جي معاملن واري خاص معاون شزا فاطمه کانسواءِ رانديگرن جو وڏو انگ موجود هو. تقريب کي خطاب ڪندي ??زي??اعظم چيو ته قوم جي فرزندن ۽ ڌيئرن پنهنجي محنت سان راندين جي ميدان ۾ نالو ڪمايو آهيج نهن تي انهن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. گهٽ وسيلن جي باوجود پنهنجي ٽرينرز، ڪوچ ۽ والدين جي دعائن سان پاڪستان جو دنيا ۾ نالو روشن ڪيو. پاڪستان ٻين ميدانن ۾ جيڪڏهن سستي ڏيکاري آهي ته انهن نوجوانن راندين جي ميدان ۾ پاڪستان جو جهنڊو پوري دنيا ۾ بلند ڪيو آهي. ??زي??اعظم چيو ته اڄ 5 ارب رپين جو ??زي??اعظم فنڊ جو اعلان وفاقي ??زي?? احسان الرحمان ڪيو. وفاقي ??زي?? ۽ خاص معاون تمام گهڻي محنت ڪئي آهي. ان 5 ارب رپين ۾ رانديگرن جي ٽڪيٽس، لاجسٽڪس، رهائش ۽ ڪٽس شامل هونديون. اهي 5 ارب رپيا پوري ملڪ جي لاءِ اٽي ۾ لوڻ جي برابر آهن. ڪروڙين نوجوانن کي جيڪڏهن صحيح ماحول ۽ سهولتون ملي ته دنيا جي بهترين ٽيمن کان اهي اڳتي نڪري سگهن ٿا. ??زي??اعظم چيو ته اميد آهي ته ايندڙ حڪومتون ان بجيٽ کي وڌائينديون. پاڪستان جي پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ 60 ڪروڙ ڊالر جو گذريل ڏينهن اضافو ٿيو آهي. چين جي بئنڪ اها رقم رول اوور ڪئي، ??ها معمولي ڳالهه نه آهي، ??سان احسان ڪندڙن کي ياد رکون ٿا. ??زي??اعظم چيو ته اسان جا پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا وڌي رهيا آ??ن. اسان جي دعا آ??ي ته انهن ذخيرن ۾ قرضن بدران اسان جي رت پگهر ۽ محنت سان اضافو ٿئي. اسپيشل اولمپڪس ۾ گولڊ ميڊل حاصل ڪندڙ پنهنجي ٻارن کان اسان کي سبق ۽ همت حاصل ڪرڻ گهرجي. اهي ٻار هر شعبي ۾ پنهنجو پاڻ کي مڃرائي رهيا آ??ن، انهن جي ئي محنت جي ڪري پاڪستان اڳتي وڌندو. ??زي??اعظم يقين ڏياريو ته جيڪڏهن الله ٻيهر موقعو ڏنو ته قوم جي انهن ڪروڙين ٻارن ۽ ٻارڙين جي تعليم، فني تعليم ۽ راندين جا ميدان ٺاهڻ ۽ سجائڻ ۾ جيترا وسيلا گهربل هوندا مهيا ??نداسين. اهو سڀ الله ۽ ان کانپوءِ قوم جي هٿ ۾ آهي. ??زي??اعظم جي نوجوانن جي معاملن واري خاص معاون شزا فاطمه خواجه خطاب ڪندي چيو ته مسلم ليگ (ن) راندين جي فروغ کي پنهنجي ترجيحن ۾ رکيو آهي، ??هباز شريف بطور ??زي??اعظم ڊپارٽمينٽل اسپورٽس کي بحال ڪيو آهي. حڪومت ٽيلينٽ هنٽ ڪرايا آ??ن. هن مهيني جي آخر ۾ قومي سطح تي مقابلا هوندا. اسپورٽس انيشي ايٽو تحت راندين جي فروغ لاءِ 5 ارب رپيا رکيا ويا. انڊوومنٽ فنڊ قائم ڪيو پيو وڃي ان ۾ هر سال اضافو ٿيندو. ان سان اڳوڻي رانديگرن کي به مالي امداد ملندي. فوري طور تي خرچ پورا ڪرڻ جي لاءِ اڍائي ارب رپيا رکيا ويا آ??ن. اسلام آباد ۾ پهرين اسپورٽس يونيورسٽي قائم ڪئي پئي وڃي. تقريب کي بين الصوبائي رابطن واري وفاقي ??زي?? احسان الرحمان مزاري خطاب ڪندي چيو ته گذريل چار سالن ۾ راندين جي شعبي کي نظرانداز ڪيو ويو. محدود وسيلن جي باوجود راندين جي شعبي جي بهتري جي لاءِ قدم کڻي رهيا آ??يون.ر اندين جو انفراسٽرڪچر بهتر بڻائڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. اسپورٽس انيشي ايتو موجوده حڪومت جي راند دوستي جو ثبوت آهي. ??زي??اعظم ان موقعي تي چترال سان تعلق رکندڙ ٽيبل ٽينس جي اسپيشل رانديگر الطاف الرحمان کي اسپورٽس ويل چيئر جي خريداري جي لاءِ ساڍا 3 لک رپين جو چيڪ ڏنو. ??زي??اعظم اسپيشل اولمپڪس ۾ تمغو حاصل ڪندڙ رانديگرن کي 50 لک رپين جو چيڪ ڏنو. ??زي??اعظم ان موقعي تي پهرين اسپورٽس يونيورسٽي جو افتتاح پڻ ڪيو.