اسلام آباد – 21 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خصوصي ماڻهن جي مالي خ??دمختياري جي لاءِ انهن کي هنرمند بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چي?? آهي ته معاشري جي منفرد صلاحيتون رکندڙ ماڻهن بابت پنهنجي روين کي بدلائڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن صحت جي عالمي اداري ۽ ج??ن هاپڪنز يونيورسٽي جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. وفد صحت جي عالمي اداري جي پاڪستان ۾ سربراهه ڊاڪٽر پاليٿا مهي پالا جي قيادت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وفد صدر ۽ خاتون اول جي خصوصي ماڻهن، ڇاتيءَ جي ڪينسر، نفسياتي صحت ۽ صحت جي ٻين مسئلن تي ڪوششن کي ساراهيو. صدر چي?? ته خصوصي ماڻهن جي بحالي ۽ انهن جي سهولتن لاءِ انهن کي مددگار ٽيڪنالاجي ڏيڻ جي ضرورت آهي. بحالي ۽ مددگار ٽيڪنالاجي جي خدمتن کي پرائمري ۽ ڪميونٽي سطح تي فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو. صدر چي?? ته خصوصي ماڻهن کي اعليٰ معيار، محفوظ ۽ سستي بحالي جي خدمتن ۽ مددگار ٽيڪنالاجي جي فراهمي يقيني بڻائڻ جي ضرورت آهي. صدر صحت جي عالمي اداري جي بحالي 2030ع منصوبو شروع ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ج??ن هاپڪنز يونيورسٽي ۽ صحت جي عالمي اداري کي بحالي ليڊرشپ ڪورس ڪرائڻ تي ساراهيو.