اسلام آباد- 30 جولاءِ (اي پي پي) چين جو نائب وزيراعظم هي لي فنگ پاڪ??تا?? جي ٽن ڏينهن جي دوري تي اسلام آباد پهتو. هوائي اڏي تي معزز مهمان جو شاندار استقبال ڪيو ويو، چيني نائب وزيراعظم جو هوائي اڏي تي گهرو معاملن واري و??اقي وزير راڻا ثناءُالله، رٿابندي ترقي واري و??اقي وزير احسن اقبال ۽ وزيراعظم جي صلاحڪار ط??رق فاطمي ۽ ٻين پاڪ??تا??ي اختيارين آجيان ڪئي. ٻن معصوم ٻارڙن کيس گل پيش ڪيا، چيني نائب وزيراعظم جهاز مان لهڻ کانپوءِ وفاقي وزيرن سان هٿ به ملايو. معزز مهمان جي استقبال لاءِ ريڊ ڪارپيٽ وڇايو ويو. چيني نائب وزيراعظم هي لي فنگ سي پيڪ جي 10 سالن جي تقريبن ۾ شرڪت لاءِ پاڪ??تا?? آيو آهي. هو پاڪ??تا??ي قيادت سان ٻطرفن لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ لاءِ خيالن جي ڏي و?? ڪندو. هي دورو پاڪ??تا?? ۽ چين وچ ۾ اعليٰ سطحي مٽاسٽا جو حصو آهي.