اسلام آباد -27 آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي، ته ??لوچستان ٻن پاڙيسري ملڪن ۽ گوادر بندرگاهه سبب واپار لاءِ نهايت فائديمند علائقو آهي، بلوچستان ۾ صنعتي انقلاب جي شروعات لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪيون وينديون. اهڙو اظهار هن ڪوئيٽا ۾ ڪوئيٽا چيمبر آف ڪامرس جي وفد سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي ڪيو. ملاقات ۾ بلوچستان سان تعلق رکندڙ اهم ڪاروباري شخصيتن شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته ??لوچستان نه صرف پاڪستان ۾ ايراضي جي لحاظ کان سڀ کان وڏو صوبو آهي پر ٻن پاڙيسري ملڪن ۽ گوادر بندرگاهه سبب پڻ واپار لاءِ نهايت بهترين علائقو آهي. ??ن چيو ته ??لوچستان ۾ معدنيات جا ڪيترائ?? ذخيرا ۽ وڏي پئماني تي زرعي ايراضي هئڻ سبب صنعتن جو مرڪز هجڻ گهرجي. هن چيو ته نگران حڪومت پنهنجي مختصر وقت م ڀرپور ڪوشش ڪندي ته ??لوچستان ۾ صنعتي انقلاب جي شروعات ٿئي. هن چيو ته ??ازو ئي قائم خاص سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل مان بلوچستان کي وڌ کان وڌ فائدو پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي.وفد وزيراعظم کي بلوچستان ۾ ڪاروباري برادري کي درپيش مسئلن بابت آگاهه ڪيو.