اسلام آباد – 18 – سيپٽمبر (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وزارت جي انتظام هيٺ 48هين 2 ڏينهن واري عالمي سيرت النبي ﷺ ڪانفرنس 11 ۽ 12 ربيع الاول (28 ۽ 29 سيپٽمبر) تي اسلام آباد ۾ ٿيندي، اها ڪانفرنس انعام ورهائڻ، سيرت، نعت ۽ سيرت النبي ﷺ جي موضوع تي مقالن ۽ ڪتابن ۾ مقابلن جهڙن ٻن اهم حصن تي ٻڌل هوندي. هلندڙ سال مقالن ۽ سيرت ۽ نعت جي ڪتابن ۾ مقابلي جو اعلان فيبروري ۾ ڪيو ويو ه?? جنهن جو عنوان ”ملڪي معاشي استحڪام جي لاءِ حڪمت عملي، سيرت النبي ﷺ جي روشني ۾“ هو. واضح رهي ته مقالن ۽ ڪتابن جي مقابلن جي لاءِ وزارت کي مليل سمورن مقالن ۽ ڪتابن کي شروعاتي طور تي وزارت جي سطح تي هڪ ڇنڊڇاڻ ڪميٽي شرطن ۽ ضابطن موجب پرکي ٿي، ان مرحلي ۾ چونڊيل هر ڪتاب ۽ هر مقال?? کي گهٽ ۾ گهٽ 3 ماهرن تي ٻڌل ججز جي ڪميٽ?? کي تفصيلي ڇنڊڇاڻ جي لاءِ موڪليو ويو، اهي جج ۽ ماهر يونيورسٽين جا پي ايڇ ڊي سطح جا پروفيسرز هوندا آهن. بعد ۾ انهن ماهرن جي رپورٽن کي هڪ اعليٰ سطحي ايپڪس ڪميٽي جي حوالي ڪيو وڃي ٿو، اها ڪميٽي هر ڪتاب ۽ مقال?? کي ڄاڻايل رپورٽس جي روشني ۾ پرکي فيصلو ڪري ٿي ته ڪهڙو ڪتاب ڪهڙي انعام جو مستحق آهي. اهڙي طرح انعام يافته قرار ڏنل ڪتاب ۽ مقالا سيرت جو تعين هوندا آهن. هلندڙ سال ڪتابن، سيرت ۽ نعت جي مقابلي جي لاءِ 137 ڪتاب مليا جن مان انعام حاصل ڪندڙ خوشنصيب ماڻهن جو انگ 31 آهي جڏهن ته 94 سيرت مقالا مليا جن ?? انعام حاصل ڪندڙ ماڻهن جو انگ 35 آهي. هن سال ڪل 66 خوشنصيب ماڻهو انعام حاصل ڪندڙن ۾ شامل هوندا. انعام حاصل ڪندڙن کي يادگاري شيلڊز، سرٽيفڪيٽس ۽ روڪ انعامن سان نوازيو ويندو. مذهبي معاملن واري وزارت ??عي??ري مقالن کي ڇپرائي سڄي ملڪ جي يونيورسٽين جي لائبريرين ۽ سيرت النبي ﷺ جي موضوع تي تحقيقي ادارن کي مفت فراهم ڪندي. سيرت النبي ﷺ ڪانفرنس جا ٻه سيشن ٿيندا، پهرين سيشن ۾ مقالن، ڪتابن ۽ سيرت ۽ نعت جي موضوع تي مقابلن ۾ حصو وٺندڙ پهريون، ٻيون ۽ ٽيون نمبر ايندڙ ليکڪن ۽ شاعرن ۾ انعام ورهايا ويندا. مذهبي معاملن واري وزارت جي انتظام هيٺ هر سال سيرت ڪانفرنس ۾ ملڪي ۽ غيرملڪي ناليوارا مذهبي اسڪالرز شرڪت ڪندا آهن جنهن جو مقصد عالم سڳورن جي گڏيل ميل جول سان فڪري فاصلن کي گهٽ ڪرڻ ۽ هڪ ٻئ?? کي سمجهڻ جو موقعو فراهم ٿئي ٿو ۽ ان سان مذهبي هم آهنگي، رواداري تي پڻ خوشگوار اثر پون ٿا. ڪانفرنس جي افتتاحي سيشن ۾ محفل نعت پڻ منعقد ڪئي ويندي جنهن ۾ ملڪ جي ناليوارا نعت خوان نبي اڪرم ﷺ جي شان ۾ مدح سرائي ڪندا. ڪانفرنس جي ٻئي ڏينهن مرڪزي تقريب ۾ سيرت النبي ﷺجي مختلف رخن کي اجاگر ڪيو ويندو، موضوع جي مناسبت سان اسڪالرز ۽ خطاب ڪندڙ مختلف عنوانن ??عي??ت جو تصوراتي رخ سيرت النبي ﷺ جي روشني ۾، فلاحي ??عي??ت جو قيام سيرت النبي ﷺ جي روشني، ??عي??ت ۽ معاشرت جي تعلق جو رخ سيرت النبي ﷺ جي روشني، ??عي??ت ۽ اخلاق جي تعلق جو رخ سيرت النبي ﷺ جي روشني ۾، معاشي استحڪام ۾ رياست جو ڪردار سيرت النبي ﷺ جي روشني، زڪوات ۽ صدقي جو معاشي استحڪام ۾ ڪردار جو رخ سيرت النبي ﷺ جي روشني ۾، اسلام جو مثالي معاشي نظام جو رخ سيرت النبي ﷺ جي روشني ۾، معاشي استحڪام جي لاءِ ماڻهن جي تعليم ۽ تربيت سيرت النبي ﷺ جي روشني ۾، ڪسب معاش جي فضيلت ۽ معاشي استحڪام جي لاءِ ان جي اهميت سيرت النبي ﷺ جي روشني ۾، معاشي استحڪام جي لاءِ منصوبابندي جي اهميت ۽ ضرورت سيرت النبي ﷺ جي روشني ۾ ۽ معاشي استحڪام ۾ عورتن جو ڪردار سيرت النبي ﷺ جي روشني ۾“ تي خيالن جو اظهار ڪندا.