اسلام آباد- 02 نومبر (اي پي پي) ناڻي، محصولن ۽ اقتصادي معاملن واري نگران ??فاقي وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر چيو آهي ته گڏيل قومن جي هزاريه ترقياتي هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ عالمي برادري طرفان جامع قدمن جي ضرورت آهي. اها ??الهه ناڻي واري وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر گڏيل قومن جي اداري يو اين سي ٽي اي ڊي جي انتظام هيٺ جنيوا ۾ منعقد ڪانفرنس کي پنهنجي ورچوئل خطاب ۾ چئي. ڪانفرنس جو موضوع ڊولپمينٽ فنانس فار 2030ع ايجنڊا: ماحولياتي طو?? تي محفوظ صنعتڪاري هو. پنهنجي اهم خطاب ۾ نگران ??فاقي وزير چيو ته هزاريه ترقياتي هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪستان ??ڪ ڀرپور ۽ پرجوش منصوبو جوڙيو آهي جنهن تحت ماحول کي نقصان ??هچائيندڙ گئسن جي اخراج ۾ 50 سيڪڙو تائين گهٽتائي اچي ويندي. هن چيو ته ماحولياتي لحاظ کان ??وزون صنعتڪاري لاءِ اسٽيٽ بئنڪ ۽ سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان رهنما اصول به جاري ڪيا آهن. هن اسرندڙ ملڪن ۾ ق??ضن بابت مشڪلاتن جي خاتمي ۽ هزاريه ترقياتي هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ جامع عالمي ڪوششن جي ضرورت تي پڻ زور ڀريو.