اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) نگ??ان پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ۽ انساني ح??ن واري وزير خليل جارج غزه جي عوام جي لاءِ پاڪستان مان امدادي سامان جي ٻي کيپ کڻي ويندڙ خصوصي جهاز کي اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تان روانو ڪيو. پرڏيهي آفيس موجب امدادي سامان جي روانگي جي موقعي تي ٿيندڙ تقريب ۾ اسلام آباد ۾ فلسطيني سفير احمد جواد ربيع، پرڏيهي وزارت ۽ اين ڊي ايم اي جا سينيئر عملدار پڻ موجود هئا. نگ??ان پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ان موقعي تي خطاب ??ندي فلسطيني ڀائرن ۽ ڀينرن سان پاڪستان جي مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ اسرائيل پا??ان غزه ۾ گهيريل عورتن، ٻارن سميت شهرين جي خلاف طاقت جي وحشياڻي غي??متناسب ۽ انڌاڌنڌ استعمال جي مذمت ڪئي. نگ??ان پرڏيهي وزير اسرائيلي جارحيت جي فوري خاتمي ۽ غزه جو گهيراءُ ختم ڪرڻ جي فوري ضرورت تي زور ڏنو. هن انصاف ۽ انسانيت جي اصولن کي برقرار رکڻ ۽ غزه جي ماڻهن کي انساني امداد جي فراهمي ۾ سهولت فراهم ڪرڻ تي زور ڏنو. کيپ ۾ صحت جي ح??اظت واريون ڪٽس، دوائون ۽ فوڊ پيڪيٽس شامل آهن. غزه جي عوام لاءِ پاڪستان مان امدادي سامان جي پهرين کيپ 19 آڪٽوبر 2023ع تي موڪلي وئي هئي.