اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پاڪستان ٽيليويزن ڪوئيٽا سينٽر جي چيف ڪئميره مين احمد خان سولنگي ۽ ڪئميره مين ظفر علي جي روڊ ح??دث?? ۾ فوت ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري نگران وفاقي وزير ح??دث?? ۾ فوت ٿيندڙن جي گهرڀاتين سان دلي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير ح??دث?? ۾ ٻين ??خم?? ماڻهن جي جلد صحتيابي لاءِ پڻ دعا ڪئي. واضح رهي ته ح??دث?? سوراب ڪوئيٽا ڪراچي هاءِ وي تي ڪار ۽ ويگن ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ پيش آيو.