صدر ڊاڪٽر عارف علوي احد خان چيما کي نگران وزيراعظم جي صلاحڪار جي عهدي تان هٽائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

image

اسلام آباد – 25 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي احد خان چيما کي نگران وزيراعظم جي اسٽيبلشمينٽ بابت صلاحڪار جي عهدي تان هٽائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري پڌرائي موجب نگران وزيراعظم اليڪشن ڪميشن جي هدايت تي احد خان چيما کي عهدي تان هٽائڻ جي سمري صدر کي موڪلي هئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي احد خان چيما کي عهدي تان هٽائڻ جي منظوري آئين جي آرٽيڪل 48 هڪ تحت نگران وزيراعظم جي ايڊوائيس تي ڏني.

مضمون کا ماخذ : bolão dupla sena
متعلقہ مضامین
مزید خبریں