اسلام آباد- 30 جن??ري (اي پي پي) تعليم ۽ پيشوراڻي تربيت بابت نگران وف??قي وزير مدد علي سنڌي سان پنجاب چيمبر آف ايجوڪيشن جي صدر حاجي اشفاق احمد وڙائچ جي قيادت ۾ وفد ملاقات ڪئي. وف??قي وزير وفد جي آجيان ڪندي چيو ته چيمبر، حڪومت ۽ پرائيويٽ تعليمي شعبي وچ ۾ ويڇن کي گهٽ ڪرڻ ۾ مُک ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته پنجاب چيمبر آف ايجوڪيشن اسڪول کان ٻاهر ٻارن جي انگ کي گهٽ ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيمبر طرفان هاڪ??ري فيڊ بيڪ کي تسليم ڪيو ۽ چيو ته اهي تجويزون ايندڙ آءِ پي اي ايم سي ۾ صوبن کي موڪليون وينديون. وف??قي وزير کي صوبن ۾ اڻ اعلانيل موڪلن جي مسئلن بابت ٻُڌايو ويو، جنهن سبب اسڪولن جا تعليمي ڏينهن گهٽ ٿي رهيا آهن. هن کي ٻُڌايو ته تعليمي ڪئلينڊر سال کي اهڙيءَ طرح نظرثاني ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن موسمياتي تبديلين جي اثرن کي ختم ڪيو وڃي. وف??قي وزير کي ٻُڌايو ويو ته موسمياتي تبديلين سبب مختلف علائقن جي موسم مختلف انداز ۾ متاثر ٿيندي آهي. پي اي سي استادن جي تربيت جي ضرورت تي زور ڀريو ۽ حڪومت کي پنهنجون خدمتون پيش ڪيون. پي اي سي چيو ته پبلڪ پرائيويٽ پارٽنر ذريعي اسڪول کان ٻاهر ٻارن جي انگ کي گهٽ ڪري سگهجي ٿو. ان سلسلي ۾ پي اي سي پنهنجون خدمتون وف??قي حڪومت کي به پيش ڪيون. وف??قي وزير چيو ته اهي تجويزون هاڪ??ري آهن ۽ صوبن کي انهن کي عملي جامو پارائڻ تي توجهه ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته اهو ضر??ري آهي ته ??ال??سيون اهڙي طرح بڻايون وڃن ته هاءِ اينڊ ۽ لو اينڊ پرائيويٽ ادارن لاءِ هڪ ئي ??ال??سي نه هئڻ گهرجي.