برسلز – 31 – جنوري (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني برسلز ۾ يورپي يونين جي ڪلائميٽ ايڪشن بابت ڪمشنر وپڪي هويڪسٽرا سا?? ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان مو??ب نگران پرڏيهي وزير 2022ع جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کانپوءِ پائيدار بحالي جي لاءِ يورپي يونين جي تعاون کي ساراهيو. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ ماحولياتي تحفظ جي شعبي ۾ تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.