اسلام آباد-07 فيبروري (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان سوشل ميڊيا ۾ بيلٽ پيپرز جي پرنٽنگ ۽ سائيز بابت هلندڙ وڊيو کي گمراهه ڪندڙ قرار ڏيندي واضح ڪيو آهي ته بيلٽ پيپرز ??اضي وانگر اردو الفابيٽ جي ترتيب سان پرنٽ ڪيا ويا آهن. اليڪشن ڪميشن مان ??ار?? بيان ۾ ترجمان چيو آهي ته سوشل ميڊيا تي بيلٽ پيپرز جي پرنٽنگ ۽ سائيز بابت هلندڙ هڪ وڊيو گمراهه ڪندڙ آهي. واضح رهي ته هميشه اميدوارن جي انگ جي حساب سان بيلٽ پيپر سنگل، ڊبل ۽ ٽرپل ڪالم ۽ اردو الفابيٽ جي ترتيب ۾ پرنٽ ڪيو وي??دو آهي ۽ هن ڀيري به انهي ترتيب سان پرنٽ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته بيلٽ پيپر جي فولڊنگ ۽ اليڪشن جي ٻين مرحلن بابت معلوماتي وڊيوز اليڪشن ڪميشن جي ويب سائيٽ www.ecp.gov.pk ۽ يوٽيوب چئنل تي موجود آهن. ووٽرز کي سوشل ميڊيا ۾ گردش ڪندڙ خبرن تي اعتبار ڪرڻ بدران معلومات لاءِ صرف اليڪشن ڪميشن مان ??ار?? ڪيل آگاهي وڊيوز مان فائدو کڻڻ گهرجي يا ڪنهن شڪاي?? جي صورت ۾ اليڪشن ڪميشن جي قائم ڪيل ڪمپلينٽ سيل تي 0151111327000 تي رابطو ڪن.