اسلام آباد – 00 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي ٽيڪس محتسب جي فيصلي جي خلاف جيريز ڊناٽا پرائيويٽ لميٽيڊ جي اپيل رد ڪندي جيريز کان ڪي??سر جي مريضن جي ل??ءِ ريڊي ايشن مشين فوري آزاد ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر مشين جي حساس نوعيت، انسانيت خاص طور تي ڪي??سر جي مريضن جي خدمت جي عظيم مقصد کي نظر ۾ رکندي مشين جاري رکڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته ڪليڪٽر ڪسٽمز لاهور 7 ڏينهن جي اندر اٽڪل هڪ سال کان جيريز وٽ پيل ڪي??سر جي علاج جي ل??ءِ ريڊي ايشن مشين آزاد ڪرائي، عدم تعميل جي صورت ۾ ڪليڪٽر ڪسٽ??ز قانون موجب ضروري ڪارروائي شروع ڪري. صدر ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪي?? ته تابڪاري مشين اپريل 2023ع کان شيڊ ۾ پيل آهي، جيريز گودام جي اضافي قيمت جي ادائيگي کانسواءِ مشين جاري ڪرڻ کان انڪاري آهي، ڪسٽمز ??ملدارن اسٽوريج/ ڊيمريج چارجز معاف ڪرڻ جي ل??ءِ سرٽيفڪيٽ پڻ جاري ڪي??. صدر افسوس جو اظهار ڪي?? ته جيريز ڪسٽمز ??ملدارن جي جاري ڪي?? سرٽيفڪيٽ کي سنجيده نه ورتو، جيريز ويئر هائوس چارجز جي وڏي ادائيگي کانسواءِ مشين جاري ڪرڻ کان انڪار ڪي??، دير جي ڪري پاڪستان جي ڪي??سر جي مريضن ۽ غريب ماڻهن کي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو، غريب عوام ملڪ جي سرڪاري اسپتالن مان علاج ڪرائين ٿا، همدرداڻي بنيادن تي مسئلن کي سمجهڻ کانسواءِ اهڙو استحصالي ڪاروبار افسوسناڪ آهي. ان حوالي سان ايوان صدر پاران جاري تفصيل موجب ميو اسپتال ڪي??سر جي مريضن کي ريڊي ايشن ڏيڻ جي ل??ءِ ڪوبالٽ – 60 سورس درآمد ڪي??، اها مشين سرڪاري اسپتالن ۾ مريضن جي ل??ءِ دستياب واحد مشين آهي، فنڊز جي عدم دستيابي جي ڪري باقي رقم جي عدم ادائيگي تي مشين شيڊ ۾ روڪي وئي هئي. ڪسٽمز ??ملدارن اسٽوريج چارجز معاف ڪرڻ جي ل??ءِ دير جو سرٽيفڪيٽ جاري ڪي??، دير جو سرٽيفڪيٽ ڪسٽمز ??ي اسسٽنٽ ڪليڪٽر پاران جاري ڪي?? ويو هو. جيريز جي مئنيجر ڪارگو بقايا چارجز جي ادائيگي کانسواءِ مشين جاري ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. اوزار جاري نه ٿيڻ تي ميو اسپتال جي سي اي او وفاقي ٽيڪس محتسب سان رجوع ڪي??. ٽيڪس محتسب ڪليڪٽر آف ڪسٽمز لاهور کي فوري طور تي سامان جاري ڪرڻ جي ل??ءِ جيريز سان رابطو ڪرڻ جو چيو. جيريز ٽيڪس محتسب جي فيصلي جي خلاف صدر وٽ اپيل داخل ڪئي. صدر ڪيس جي ذاتي ٻڌڻي کانپوءِ جيريز جي خلاف فيصلو ڏئي ڇڏيو. صدر پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو ته جيريز دير جو سرٽيفڪيٽ هجڻ جي باوجود مشين جاري نه ڪري ڪسٽم ايڪٽ 1969ع جي شقن جي خلاف ورزي ڪئي، جاري ڪي?? سرٽيفڪيٽ ۽ ايڪٽ جي شقن تي عمل ڪرڻ لازمي آهي. صدر چيو ته ڪسٽم ايڪٽ تحت سرٽيفڪيٽ جي تعميل نه ڪرڻ تي ڏنڊ جي سزا آهي، ڪسٽمز ??ي اسسٽنٽ ڪليڪٽر جي جاري ڪي?? سرٽيفڪيٽ جو احترام ڪرڻ گهرجي ها. فيصلي موجب جيريز ڪسٽمز ??يڪٽ جي شقن کي نظرانداز نه ٿو ڪري سگهي، جيريز جي اپيل رد ڪئي وڃي ٿي. صدر هدايت ڪئي ته ڪليڪٽر آف ڪسٽمز 7 ڏينهن ۾ حڪمن تي عملدرآمد ڪرائي ۽ مشين آزاد ڪرائي وڃي، عدم تعميل تي قانون موجب ضروري ڪارروائي شروع ڪئي وڃي.