صدر پاران پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس 18 اپريل تي طلب

image

اسلام آباد – 15 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري مجلس شوريٰ (پارليامينٽ) جو گڏيل اجلاس 18 اپريل خميس ڏينهن ٽپهر 4 وڳي طلب ڪيو آهي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب صدر پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرائڻ جي منظوري آئين جي آرٽيڪلز 54 (1) ۽ 56 (3) تحت مليل اختيارن کي استعمال ۾ آڻيندي طلب ڪيو آهي. 16 اپريل تي طلب ڪيل پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس جو نوٽيفڪيشن رد ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي صدر جو خطاب هر پارلياماني سال جي شروعات تي آئيني گهرج آهي.

مضمون کا ماخذ : پاور بال
متعلقہ مضامین
مزید خبریں