اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف يور??ي يونين سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪندي چيو آهي ته يور??ي يونين پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ اهم سڌارن جي ??اء?? مشاورت ۽ مهارت فراهم ڪرڻ جي ??اء?? اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان ۾ يور??ي يونين جي سفير ايمبيسڊر رينا ڪيونڪا ملاقات ڪئي. وزيراعظم پنهنجي ٻيهر چونڊجڻ تي مبارڪباد جي پيغامن تي يور??ي يونين جي اڳواڻن جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم يور??ي يونين جي سفير سان ڳالهه ٻوله?? ڪندي چيو ته هو يور??ي يونين سان گڏجي ڪم ڪرڻ جا خواهشمند آهن. هن چيو ته پاڪستان جا يور??ي يونين سان دوستاڻا ۽ خوشگوار لاڳاپا آهن. هن ٻنهي طرفن جي وچ ۾ موجوده اداراجاتي حڪمت عملي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. وزيراعظم جي ايس پي پلس اسڪيم جي حوالي سان پاڪستان جي ??اء?? يور??ي يونين جي مسلسل حمايت کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ اهم سڌارن جي ??اء?? مشاورت ۽ مهارت فراهم ڪرڻ جي ??اء?? يور??ي يونين اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. يور??ي يونين جي سفير وزيراعظم کي ٻنهي طرفن جي وچ ۾ تعاون جي مختلف قدمن بابت آگاهه ڪيو جن ۾ ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ چرپر جي معاملن ۽ پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ يورپي ڪاروبارن کي سهولت فراهم ڪرڻ شامل آهي. ملاقات ۾ پاڪستان مان يور??ي يونين جي ملڪن جي ??اء?? اڏامن جي بحالي تي اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.