صدر پاران چلاس بس حادثي تي ڏک جو اظهار

image

اسلام آباد – 03 – مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چلاس ويجهو بس حادثي ۾ قيمتي جانين جي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر فوت ٿيندڙن جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر حادثي ۾ فوت ٿيندڙن جي مغفرت جي لاءِ دعا ڪئي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. صدر حادثي ۾ زخمي ٿيندڙن جي جلد صحتيابي جي لاءِ دعا پڻ ڪئي.

مضمون کا ماخذ : گنہر نا لوٹیریا
متعلقہ مضامین
مزید خبریں