ازبڪستان جو پرڏيهي وزير بختيار سيدوف ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي اسلام آباد پهچي ويو

image

اسلام آباد – 08 – مئي (اي پي پي) جمهوريه ازبڪستان جو پرڏيهي وزير بختيار سيدوف ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي اسلام آباد پهچي ويو. پرڏيهي آفيس موجب گادي واري شهر اچڻ تي ازبڪ پرڏيهي وزير جو شاندار استقبال ڪيو ويو، پرڏيهي وزارت جي ڊائريڪٽر جنرل وچ ايشيا ۽ اي سي او اعزاز خان سندس استقبال ڪيو. دوري دوران پرڏيهي وزير بختيار سيدوف وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات ڪندو ۽ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار سان گڏيل دلچسپي جي وسيع تر ٻطرفن معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪندو جنهن ۾ واپار ۽ رابطن تي خاص ڌيان ڏنو ويندو.

مضمون کا ماخذ : رومن دولت
متعلقہ مضامین
مزید خبریں