پاڪستان جو تباهي آڻيندڙ ٻوڏ تي افغانستان سان افسوس جو اظهار: پرڏيهي آفيس جي ترجمان

image

اسلام آباد -11 مئي (اي پي پي) پاڪستان تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کان پوءِ افغانستان سان افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي، ته پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام افغانستان جي مختلف صوبن ۾ شديد برساتن ۽ اوچتي ٻوڏ سبب ٿيل جاني نقصان ۽ ملڪيتن تي پهتل وڏي پئماني تي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. اسان جو دعائون ۽ نيڪ خواهشون متاثر ڪٽنبن، زخمين ۽ قدرتي آفت سبب متاثر ڪٽنبن سان گڏ آهن. اسان گم ٿيل ماڻهن جي جلد دستيابي لاءِ دعاڳو آهيون، پاڪستان مشڪل جي ان گهڙي ۾ افغانستان جي عوام سان گڏ آهي.

مضمون کا ماخذ : کوئٹہ لاٹری
متعلقہ مضامین
مزید خبریں