اسلام آباد – 30 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جي ٻئي مواصلاتي سي??لائيٽ جي زمين جي مدار ۾ موڪلڻ تي پوري قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته اسان کي پنهنجي سائنسدانن جي ان شاندار ڪاميابي تي فخر آهي، پاڪستاني سي??لائيٽ جو چين جي خلائي مرڪز مان موڪلڻ پاڪستان ۽ چين جي مضبوط حصيداري جو مظهر آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جا??ي بيان موجب وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي ٻئي مواصلاتي سي??لائيٽ پاڪ پاڪ سي?? ايم ايم ون جي زمين جي مدار ۾ موڪلڻ تي مون سميت پوري قوم کي پنهنجي سائنسدانن جي ان شاندار ڪاميابي تي فخر آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستاني سي??لائيٽ پاڪ سي?? ايم ايم ون جي زمين جي گرد مدار ۾ موڪلڻ سان پوري پاڪستاني قوم هڪ عظيم سنگ ميل عبور ڪ??ي ورتو. هن چيو ته پاڪستاني سي??لائيٽ جو چين جي شي چانگ سي??لائيٽ لانچ سي??ٽر مان خلا ۾ موڪلڻ پاڪستان ۽ چين جي مضبوط حصيداري جو مظاهر آهي، اهڙن قدمن سان پاڪستان ۽ پاڪستاني عوام جدت ۽ ٽيڪنالاجي جي ثمرن مان فائدو کڻي سگهنداسين. وزيراعظم چيو ته سي??لائيٽ نه رڳو پاڪستان جي مواصلاتي نظام ۾ هڪ نئُون روح ڦُوڪيندو پر ان سان پوري ملڪ ۾ تيز ترين انٽرنيٽ جي سهولت فراهم ڪري سگهبي، سي??لائيٽ مواصلاتي نظام ۾ بهتري سان اي ڪامرس، اقتصادي سرگرمين ۽ اي گورننس ۾ بهتري ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو، پاڪستاني سي??لائيٽ جو زمين جي مدار ۾ 36 هزار ڪلوميٽر جي فاصلي تي موڪلڻ اسپارڪو ۽ لاڳاپيل ادارن جي وڏي ڪاميابي آهي جنهن تي پوري قوم انهن کي شاباس ڏي ٿي. هن چيو ته سي??لائيٽ پاڪ سي?? ايم ايم ون جو زمين جي مدار ۾ ڪاميابي سان پهچڻ پاڪستان جي شاندار مستقبل جي نويد آهي، الله تعاليٰ کان دعا آهي ته سي??لائيٽ پاڪ سي?? ايم ايم ون ملڪ ۾ مواصلاتي نظام جي بهتري ۽ خلائي شعبي ۾ وڏين ڪاميابين جي نويد ثابت ٿئي.