عمان – 11 – جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد ??سحاق ڊار ??زه جي لاءِ فوري ??نساني امداد جي حوالي سان اعليٰ سطحي ڪانفرنس ۾ شرڪت جي لاءِ اردن جي گادي واري ??هر عمان پهچي ويو. پرڏيهي آفيس موجب هوائي اڏي تي اردن جي وزارت عظميٰ جي معاملن بابت وزير ابراهي الجازي، عمان جي گورنر ياسر العدوان ۽ عمان جي ميئر الشواربه نائب وزيراعظم سينيٽر محمد ??سحاق ڊار ??و استقبال ڪيو. ڪانفرنس جي ميزباني اردن، مصر ۽ گڏيل قومن گڏيل طور تي ڪئي آهي. ڪانفرنس دوران نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد ??سحاق ڊار ??زه ۾ اسرائيل جي سنگين ڏوهن جي پس منظر ۾ فلسطين جي عوام جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪندو.