اسلام آباد – 28 جون (اي پي پي) ناڻ?? واري وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته ملڪ ۾ معاشي صورتحال مستحڪم آهي جنه?? کي برقرار رکنداسين، ايف بي آر ۾ چوري ۽ بدعنواني روڪڻ لاءِ ان جي نئين سر جوڙجڪ ۽ ا?? کي ڊيجيٽلائز ڪر?? رهيا آهيون، ٽيڪس ٽو جي ڊي پي جي شرح 3 سالن ۾ 13 سيڪڙو تائين کڻي وينداسين، نان فائلرز جي ڪيٽيگري نه هوندي، هر هڪ کي ٽيڪس ڏيڻو پوندو. قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي ناڻ?? واري وزير چيو ته ملڪ جي ميڪرواڪنامڪ صورتحال مستحڪم آهي، ڪر??ٽ اڪائونٽ خسارو گهٽجي رهيو آهي، مالياتي خسارو ڪنٽرول ۾ آهي، ڪر??سي گذريل ڇهه ست مهينن کان مستحڪم آهي، فارن ايڪسچينج ريزروز 9 ارب ڊالر کان وڌيڪ آهن جيڪي ٻن مهينن جي امپورٽ بل کي ڪور ڪر?? رهيا آهن، ناڻ?? واڌ کي اسان 38 سيڪڙو کان گهٽائي 11 سيڪڙو تائين آندو آهي، ملڪ ۾ معاشي استحڪام حاصل ڪر?? ورتو آهي جنه?? کي برقرار رکنداسين. هن چيو ته هن وقت اسانجي ٽيڪس ٽو جي ڊي پي شرح 9 سيڪڙو آهي جنه?? کي ٽن سالن ۾ 13 سيڪڙو تائين کڻي وڃڻو آهي. ايف بي آر ۾ خامي?? کي ختم ڪرڻ ۽ چوري ۽ بدعنواني روڪڻ لاءِ ان جي نئين سر جوڙجڪ ۽ ا?? کي ڊيجيٽيلائز ڪيو پيو وڃي. ناڻ?? واري وزير چيو ته نان فائلرز جي ڪا ڪيٽيگري نه هوندي، سڀني کي ٽيڪس ڏيڻو پوندو، ريٽيلرز ۽ ريئل اسٽيٽ جو ٽيڪس نيٽ وڌائينداسين. هن چيو ته بجيٽ ۾ ضرورتمند طبقي جي مفادن جو خيال رکيو ويو آهي، خساري سان هلندڙ رياستي ادارن جي نجڪاري جو عمل ٽن سالن ۾ مڪمل ڪنداسين. هن چيو ته ايس او ايز ۽ پاور سيڪٽر جا سڌارا پڻ اسان جي ايجنڊا جو حصو آهن.