اسلام آباد – 05 – جولائي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار برطا??يا جي ليبر پارٽي جي اڳواڻ سر ڪيئر اسٽارمر کي پارليام??ني چونڊن ۾ تاريخي ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني آهي. نائب وزيراعظم سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي خوشي واري پيغام ۾ چيو ته آئون برطا??يا ۾ پارليام??ني چونڊن ۾ تاريخي ڪاميابي تي ليبر پارٽي جي اڳواڻ ڪيئر اسٽارمر کي دلي مبارڪباد ڏيان ٿو. هن چيو ته پاڪستان ۽ برطا??يا گڏيل تاريخ ۽ عوام سان عوام جي وچ ۾ گهري ۽ وسيع البنياد لاڳاپا رکندڙ آهن. نائب وزيراعظم ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته سر ڪيئر اسٽارمر جي حڪومت جي دور ۾ پاڪستان ۽ برطا??يا جي وچ ۾ ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا ۽ ٻئي ملڪ ع??لم?? امن، خوشحالي ۽ ترقي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪندا.