اسلام آباد – 04 – جولائي (اي پي پي) پاڪستان غزه جي ميڊيڪل جي شاگردن کي پاڪستان ۾ ميڊيڪل جي تعليم مڪمل ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته ??هو فيصلو نائب ??زيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اس??اق ڊار جي هدايت تي پاڪستان ميڊيڪل ڪاليج اينڊ ڊينٽل ڪائونسل (پي ايم ڊي سي) ڪيو آهي، ان سان غزه جا شاگرد پاڪستان ۾ ا??سا??ي همدرديءَ ??ي بنياد تي پنهنجي طبي تعليم جاري رکي سگهندا. هن چيو ته ??زه سان تعلق رکندڙ فلسطيني شاگرد 20 کان 30 ??ي بئچن ۾ جلد ئي پاڪستان جي ميڊيڪل ڪاليجن ۾ شامل ٿيندا. ترجمان چيو ته ??ن فيصلي سان غزه جا شاگرد پاڪستان ۾ ڪارڊيالوجي، آرٿوپيڊڪس، آنڪولوجي، پيڊياٽرڪس ۽ سرجري جي شعبن ۾ پنهنجي طبي تعليم مڪمل ڪري سگهندا ته ??يئن غزه جي صحت جي سارسنڀال جي نظام ۾ اهم ضرورتن کي پورو ڪري سگهجي.