اسلام آباد-06 جولاءِ(اي پي پي) وزيراعظم محمد ??هباز پيٽروليم ۽ گئس جي ڳولها ۽ پيداواري شعبي جي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ ل??ءِ ڪميٽي قائم ڪندي، ان کي آف شور ذخيرا ڳولهڻ جي دعوت ڏني آهي. جڏهن ته پيٽروليم ۽ گئس جي ڳولها ل??ءِ پيداواري ڪمپنين ايندڙ ٽن سالن ۾ پاڪستان ۾ 5 ارب ڊالر سيڙپڪاري جو اعلان ڪيو آهي، پي ايم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد ??هباز شريف سان پيٽروليم ۽ گئس جي شعبي جي ڳولها ۽ پيداواري ڪمپنين جي وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ڏيهي ۽ پرڏيهي ڪمپنين جي نمائندن سميت نائب وزيرا عظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، وفاقي وزير احد خان چيمه، محمد ??ورنگزيب، سيد محسن رضا نقوي، انجنيئر امير مقام، احسن اقبال، سردار اويس خان لغاري، گورنر اسٽيٽ بئنڪ جميل احمد، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن جهانزيب خان، وزيراعظم جو ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل، چيئرمين ايف بي آر ۽ ٻيا لاڳاپيل عملدار پڻ موجود هئا. ان موقعي ??ي ملڪي ۽ غير ملڪي پيٽروليم ۽ گئس جي ڳولها ۽ پيداواري شعبي وزيراعظم محمد ??هباز شريف جي قيادت تي اعتماد جو اظهار ڪندي ايندڙ ٽن سالن ۾ پاڪستان ۾ 5 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري جو اعلان ڪيو، ٽن سالن ۾ 5 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري سان پيٽروليم ۽ گئس جي پاڪستان ۾ ڳولها ل??ءِ 240 جاين تي کوٽائي ڪئي ويندي. وفد خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته توهان پهريان وزيراعظم آهيو جيڪي سنجيدگي سان ان شعبي تي ڌيان ڏئي رهيا آهيو، اسان پيٽروليم ۽ گئس جي ڳولها ۽ پيداواري شعبي کي مشاورتي عمل جو حصو بڻائڻ، انهن جا مسئلا ٻڌڻ ۽ انهن جو حل ڪڍڻ ل??ءِ توهان جا ٿ??را??تا آهيون، وزيراعظم ڪمپنين کي آف شور ذخيرا ڳولهڻ جي دعوت ڏني. هن چيو ته پاڪستان ۾ مقامي سطح تي تيل ۽ گئس جي ذخيرن جي ڳولها اسان جي پهرين ترجيح آهي، هن چيو ته پاڪستان مقامي سطح تي تيل ۽گئس جي درآمد ??ي هر سال اربين ڊالر خرچ ڪندو آهي، وزيراعظم چيو ته مقامي ذخيرن جي پيداوار سان پاڪستان جو قيمتي ناڻو بچندو ۽ عام ماڻهو ل??ءِ ٻارڻ ۽ گئس سستا ٿيندا. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي شعبي جي سمورن مسئلن جو ترجيحي بنيادن تي حل پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.وزيراعظم محمد ??هباز شريف نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي سربراهي ۾ هڪ ڪميٽي قائم ڪئي آهي، جنهن ۾ لاڳاپيل عملدار، سيڪريٽريز ۽ ماهر شامل هوندا، ڪميٽي شعبي جي نمائندن سان صلاح مشوري کانپوءِ ملڪ ۾ پيٽروليم ۽ گئس جي ذخيرن جي ڳولها ۽ ترقي ل??ءِ پرڪشش پاليسي جوڙڻ ل??ءِ تجويزون تيار ڪندي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته وزيراعظم هن شعبي جي مسئلن کي سنجيدگي سان حل ڪرڻ ۽ حڪومت جي ڪاروبار دوست پاليسين سبب پيٽروليم ۽ گئس جي ڳولها ۽ پيداواري ڪمپنيون ايندڙ ٽن سالن ۾ پاڪستان ۾ 5 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ڪنديون.سيڙپڪاري سان ملڪ ۾ تيل ۽ گئس جي مقامي پيداوار ۾ اضافو ٿيندو، گورنر اسٽيٽ بئنڪ اجلاس کي ٻڌايو ته وزيراعظم جي خاص هدايت تي تيل ۽ گئس جي ڳولها ۽ پيداواري ڪمپنين جي منافعي ??ي مد ۾ ناڻو انهن جي ملڪن ڏانهن موڪليو ويو آهي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي شعبي جي سمورن مسئلن جي حل ۽ جوڙيل ڪميٽي کي جلد پاليسي تجويزون پيش ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي.