اسلام آباد – 11 – جولائي (اي پي پي) پاڪستان غزه جي چئن اسڪولن تي اسرائيلي قابض فوج جي انڌاڌنڌ حملن جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته اهي حملا غزه جي ماڻهن جي خلاف اسرائيل جي نسل ڪشيءَ جي مهم هڪ ٻيو ثبوت آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته انهن حملن جي نتيجي ۾ ا??ي پناهه وٺندڙ درجنين عو??تن ۽ ٻارن جو قتل عام ٿيو. ترجمان چيو ته شهري آبادين ۽ سهولتن کي انڌاڌنڌ نشانو بڻائڻ عالمي ق??نو??ن جي سنگين خلاف ورزي آهي ۽ جنگي ڏوهن جو حصو آهي. پنهنجي تازه ترين قدمن سان اسرائيلي قابض ف??ج هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي ق??نو?? ۽ شائستگي جي بنيادي اصولن ۽ قابل قبول عالمي طرز عمل جي توهين جو مظاهرو ڪيو آهي. هن چيو ته عالمي انساني ق??نو?? جي انهن واضح خلاف ورزين کي نئون معمول بڻجڻ جي اجازت نه هجڻ گهرجي. ترجمان چيو ته اسان عالمي برادري کان مطالبو ڪريون ٿا ته اهي اسرائيل جي دهشتگر??ي ۽ فلسطيني عو??م جي خلاف نسل ڪشيءَ جي مهم کي فوري طور تي ختم ڪرڻ جي لاءِ فوري قدم کڻي. هن چيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اسرائيل کي ان جي ڏوهن ۽ عالمي انساني ۽ انساني حقن جي ق??نو?? جي واضح خلاف ورزين جي لاءِ جوابده قرار ڏنو وڃي.