اسلام آباد – 12 – جولائي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير س??ني??ر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ هوائي اڏن جي آئوٽ سورسنگ بابت اسٽيئرنگ ??مي??ي جو 11 هون اجلاس ٿيو. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ ناڻي واري واري وفاقي وزير، پيٽروليم واري وفاقي وزير، سيڪريٽري ايوي اي??ن، سيڪريٽري قانون، سيڪريٽري بي او آءِ ۽ ڪنٽري ڊائريڪٽر آءِ ايف سي شرڪت ڪئي. سيڪريٽري ايوي اي??ن ڪميٽي ??ي بريفنگ ڏني. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اسلام آباد اي??رپورٽ آئوٽ سورسنگ پراجيڪٽ ۾ يورپ سميت مختلف اي??رپورٽ آپريٽرز دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي. انهن مان ڪجهه آپريٽرز م??امي سيرپڪارن سان ڪنسوريشم جوڙي ڇڏيو آهي ۽ قانوني ۽ مالياتي احتياط سان ڪم ڪري رهيا آهيون، ان سلسلي ۾ انهن جي ٽيمن تازو ئي اسلام آباد اي??رپورٽ جو دورو ڪيو. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته ٻوليءَ جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 15 جولاءِ مقرر آهي، جڏهن ته منصوبي جي مشڪلاتن جي ڏس ۾ ممڪن ٻولي ڏيندڙن ٻولي جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ توسيع جي درخواست ڪئي آهي، اهڙي طرح جي توسيع وڌيڪ مسابقت جي اجازت ڏيندي ۽ اهڙي طرح ان منصوبي جي لاءِ بهتر قيمت هوندي. آءِ ايف سي جيڪو ان منصوبي جي ڏيتي ليتي جو مشير آهي، ان تجويز جي حمايت ڪئي، ان موجب اسٽيئرنگ ??مي??ي ٻولي جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ ٻن مهينن جي توسيع جي اجازت ڏني. اسٽيئرنگ ??مي??ي وڌيڪ هدايت ڪئي ته ممڪن ٻولي ڏيندڙن کي هوابازي واري وزارت ۽ آءِ ايف سي پاران مڪمل طور تي تعاون ڪيو ويندو، ان تعاون سان مناسب ڪم جلد مڪمل ڪري سگهبو ۽ ٻولي جي عمل ۾ وڌ کان وڌ شرڪت کي يقيني بڻائي سگهبو. اسٽيئرنگ ??مي??ي وڌيڪ فيصلو ڪيو ته ان عمل جي سخت نگراني ڪئي وڃي ته جيئن ان ڳالهه کي يقيني بڻائي سگهجي ته وڌيڪ توسيع جي ضرورت نه هجي. نائب وزيراعظم اسلام آباد اي??رپورٽ جي وڌ کان وڌ رو??ني?? جي صلاحيت مان فائدو کڻڻ جي هدايت ڪئي. نائب وزيراعظم منصوبي جي اهميت کي اجاگر ڪندي هدايت ڪئي ته ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته آئوٽ سورسنگ پروجيڪٽ کي گهٽ کان گهٽ وقت ۾ انتهائي شفاف طريقي سان مڪمل ڪيو وڃي.