اسلام آباد-11 سيپٽمبر (اي پي پي) وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي ته پاڪستان 33 ڪمپنين ??ان چين ??مپورٽ ايڪسپو ۾ شرڪت ڪندو. اهڙو اظهار هن چيني واپار واري نائب وزير لينگ جي سان پنهنجي آفيس ۾ ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ چين وچ ۾ واپاري تعاون کي هٿي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ان موقعي تي وفاقي وزير چيو ته چين پاڪستان سان واپاري موقعا وڌائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته پاڪستان شين ??ي امپورٽ ۾ چين ??لچسپي ظاهر ڪئي آهي، ٻنهي ??لڪ?? وچ ۾ واپاري ڳاڻيٽي ۾ اضافو ڪيو ويندو. پاڪستان ۽ چين وچ ۾ آزاد واپاري معاهدي تي ڪميٽي جو اجلاس جلد گهرايو ويندو. ملاقات ۾ ٻنهي ??لڪ?? جي زرعي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ ۽ گوا??ر پورٽ جي مڪمل فعاليت جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. چيني نائب وزير ايس سي او وزارتي اجلاس جي ميزباني تي پاڪستان کي مبارڪباد پڻ پيش ڪئي.