اسلام آباد – 26 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايران ۾ ڪا??هه سومر ڏينهن هڪ ٻئي بس حادثي ۾ پاڪستاني زائرين جي شهيد ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهيد ٿيندڙن جي مغفرت ۽ انهن جي پونئيرن جي لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي. وزيراعظم پاڪستاني سفارتخاني کي مار??ي ويلن جي پونئيرن سان مڪمل تعاون جي هدايت ڪئي. وزيراعظم پاڪستاني سفارتخاني کي شهيد ٿيندڙن جي ميتن جي جلد کان جلد وطن واپسي جي لاءِ قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم پاڪستاني سفارتخاني کي زخمين جي سارسنڀال ۽ انهن ??ي بهتر??ن طبي امداد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. واضح رهي ته ڪا??هه سومر ڏينهن ايران ۾ پاڪستاني زائرين کي کڻي ويندڙ بس هڪ ٽرڪ سان ٽڪرائ??ي وئي جنهن جي نت??جي ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٽي زائرين شهيد ۽ 48 زخمي ٿيا. پاڪستاني زائرين اربعين ۾ شرڪت جي لاءِ ايران جي رستي عراق وڃي رهيا هئا ته انهن جي بس ايران جي صوبي فارس جي شهر نيريز ۽ صوبي ڪرمان جي علائقي سرجان ??ي وچ ۾ مرڪزي رستي تي هڪ ٽرڪ سان ٽڪرائ??ي وئي، جنهن جي نت??جي ۾ ٽي زائرين شهيد ۽ 48 زخمي ٿيا.