لاهور-31 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر محمد نواز شريف جي صدارت هيٺ ??ار??ي جو اهم مشاورتي اجلاس لاهور ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ وزيراعظم شهباز شريف، پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز، ??ار??ي جي نائب صدر حمزه شهباز شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ??ار??ي جا سينئر اڳواڻ ۽ عهديدار به موجود هئا. اجلاس ۾ مجموعي سياسي ۽ معاشي صورتحال ۽ ??وا?? کي رليف ڏيڻ جي قدمن تي مشاورت ٿي، وزيراعظم محمد شهباز شريف ??وا?? جي رليف لاءِ وفاقي حڪومت جي قدمن تي ??ار??ي سربراهه کي بر??ف ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم سياسي ??ار??ين جي اڳواڻن سان ٿيل ڳالهه ٻولهه تي به ??ار??ي صدر کي اعتماد ۾ ورتو. هن چيو ته خسارن جوشڪار ادارن کان ڇوٽڪاري ذريعي ??وا??ي رليف لاءِ مالي گنجائش پيدا ڪرڻ جي ڪوشش جاري آهي. وزيراعظم چيو ته ??وا?? کي رليف جي فراهمي لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪري رهيا آهيون، اجلاس ۾ پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز به پنجاب ۾ ??وا?? کي بجلي جي بلن ۾ رليف ڏيڻ جي قدمن کان ??ار??ي صدر کي آگاهه ڪيو. اجلاس کي خطاب ڪندي ??ار??ي صدر محمد نواز شريف وفاقي حڪومت جي 50 ارب ۽ پنجاب حڪومت جي 46 ارب روپين جي ??وا??ي رليف کي ساراهيو ۽ چيو ته وزيراعظم شهباز شريف مشڪل معاشي حالتن ۾ نهايت محنت، جذبي ۽ ڀرپور صلاحيتن سان ڪم ڪري رهيو آهي. هن پنجاب جي ??وا?? کي بجلي جي بلن ۾ 14 روپيا في يونٽ رليف جي فراهمي شروع ٿيڻ تي پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز کي شاباش ڏني ۽ چيو ته چاهيان ٿو ته پاڪستان جي هر شهري کي مهانگائي کان جلد رليف ملي، مريم نواز ۽ سندس ٽيم شاباش جي حقدار آهي. هن چيو ته ملڪ کي معاشي بحران مان ڪڍڻ ۽ ??وا?? کي رليف ڏيڻ لاءِ سموريون سياسي ۽ حڪومتي قيادتن ۽ ادارن کي گڏجي فيصلا ڪرڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون پنهنجي خرچن مان ڪٽوتي ۽ بچت سان ??وا?? کي رليف لاءِ وسيلا مهيا ڪن.