اسلام آباد -14 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته بجلي سان هلندڙ گاڏين سان نه رڳو پيٽرول ۽ ڊيزل جي آمدني واپار ۾ قيمتي مٽاسٽا واري ناڻي جي بچت ٿيندي، پر اهي گاڏيون ماحول دوست به هونديون، ملڪ ?? بجلي تي هلندڙ گاڏين کي هٿي ڏيڻ لاءِ حڪومت ترجيحي قدم کڻي رهي آهي، وزيرا??ظم اليڪٽرڪ وهيڪلس جي حوالي سان هڪ جامع فنانشل ماڊل پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيرا??ظم آفيس ميڊيا ونگ طرفان جاري پڌرائي مطابق وزيرا??ظم محمد شهباز شريف جي صدارت هيٺ اليڪٽرڪ وهيڪلز جي استعمال جي حوالي سان اجلاس وزيرا??ظم هائوس اسلام آباد ۾ منعقد ٿيو. ان موقعي تي اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي وزيرا??ظم چيو ته ملڪ ?? بجلي تي هلندڙ گاڏين کي هٿي ڏيڻ لاءِ حڪومت ترجيحي قدم کڻي رهي آهي. وزيرا??ظم اليڪٽرڪ وهيڪلز جي حوالي سان هڪ جامع فنانشل ماڊل پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي، هن ان حوالي سان وفاقي ناڻي واري وزارت ۽ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان سان مشاورت جي پڻ هدايت ڪندي چيو ته اي وهيڪلز پاليسي هلندڙ سال نومبر تائين مڪمل ڪئي وڃي. هن ملڪ ?? اي وهيڪلز جي تياري جي حوالي سان لائينسز جي ضابطيڪار کي بهتر بڻائڻ، اي وهيڪلز پاليسي جي حوالي سان سمورن صوبن ۽ وفاقي اسٽيڪ هولڊرز سان ضروري مشاورت ڪرڻ جي به هدايت ڪئي. وزيرا??ظم چيو ته ليپ ٽاپ اسڪيم جي طرز تي سرڪاري اسڪولن ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ شاگردن ۾ اي م??ٽر بائيڪس ورهايون وينديون. وزيرا??ظم اڳتي سمورن وفاقي سرڪاري ادارن ۾ صرف اليڪٽرڪ م??ٽر بائيڪس جي خريداري ڪئي ويندي ته جيئن قومي خزاني جي بچت ٿئي. وزيرا??ظم ان حوالي سان سمورن وفاقي وزارتن کي هدايت جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو. وزيرا??ظم ڪيپيٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي کي اسلام آباد ۾ بجلي تي هلندڙ پبلڪ ٽرانسپورٽ جي حوالي سان جامع پلان جوڙڻ جي به هدايت ڪئي. اجلاس کي ملڪ ?? اي وهيڪلز جي استعمال کي هٿي ڏيڻ جي حوالي سان بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته 2022ع کان هن وقت تائين مقامي سطح تي ٻن ۽ ٽن ڦيٿن تي هلندڙ اليڪٽرڪ گاڏين جي تياري لاءِ 49 لائيسنس جاري ڪيا ويا آهن. جن مان 25 ڪارخانن ۾ انهن گاڏين کي ٺاهڻ جي شروعات ٿي چڪي آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته چئن ڦيٿن تي هلندڙ اليڪٽرڪ گاڏين جي مقامي سطح تي تياري جي حوالي سان پهريون لائيسنس سيپٽمبر 2024ع ۾ جاري ڪيو ويو آهي. مقامي سطح تي تيار ڪيل پهرين اليڪٽرڪ ڪار هلندڙ سال ڊسمبر تائين مارڪيٽ ۾ اچي ويندي. اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته ملڪ ?? هن وقت ٻن ۽ ٽن ڦيٿن تي هلندڙ اليڪٽرڪ گاڏين جو انگ 45 هزار جڏهن ته چئن ڦيٿن تي هلندڙ اليڪٽرڪ وهيڪلز جو انگ 2600 آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اليڪٽرڪ گاڏين لاءِ رچارج اسٽيشنز ترجيحي بنيادن تي م??ٽر ويز، جي ٽي روڊ (قومي شاهراه 5) قومي شاهراه 65 ۽ 70 لڳايا ويندا. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيمه، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، توانائي واري وزير اويس احمد خان لغاري، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ، وزيرا??ظم جي موسمياتي تبديلي بابت ڪو آرڊينيٽر رومينه خورشيد عالم، ر??ڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.