اسلام آباد – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪا جي س??اسي معاملن بابت وقتي انڊر سيڪريٽري جان باس پرڏيهي وزارت ۾ پرڏيهي س??ڪريٽري آمنه بلوچ سان وفدن جي سطح تي مُلاقات ڪئي ۽ م??تل?? معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ڌرين واپار، توانائي، سلامتي، صحت، موسمياتي تبديلي ۽ دهشتگردي جي خاتمي بابت موجوده ڳالهين واري مڪينزم تي اڳڀرائي س??يت ٻطرفن لاڳاپن جي س??ورن رخن تي وسيع پئماني تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي س??ڪريٽري پاڪستان پاران آمريڪا سان لاڳاپن کي ڏني ويندڙ اهميت جو ذڪر ڪيو. هن ٻطرفي مڪينزم خاص طور تي اقتصادي ۽ دفاعي شعبن کي اپ گريڊ ڪرڻ ۽ هڪ وسيع البنياد ۽ بامعنيٰ ٻطرفن لاڳاپن جي فروغ جي لاءِ ڪ?? ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. انڊر سيڪريٽري جان باس گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ٺوس ڳالهه ٻولهه موقعو ڏيڻ تي پرڏيهي س??ڪريٽري جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته آمريڪا م??يش?? کي مستحڪم ۽ مضبوط ڪرڻ جي ڪوششن ۾ پاڪستان س??ن حصيداري جو خواهشمند آهي. هن ٻوڏ ۽ دهشتگرد حملن جهڙن تازن چئلينجن جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان پاران کنيل قدمن کي ساراهيو. انڊر سيڪريٽري جان باس نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سان پڻ ملاقات ڪئي.