نيويارڪ – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محم?? شهباز شريف ايران پاڪستان گڏيل حمايت ۽ حص??داري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ فل??طين تي پاڪستان جي موقف جو ورجاءُ ڪندي غزه ۾ فوري طور تي انساني بنيادن تي جنگبندي ۽ فل??طين ۽ لبنان جي خلاف جاري اسرائيلي جارحيت جي خاتمي تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محم?? شهباز شريف جي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79هين اجلاس جي موقعي تي ايراني صدر ڊ??ڪٽ?? مسعود پزشڪيان سان ملاقات ٿي. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو ۽ سٺي پاڙيسري لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ سان گڏوگڏ گڏيل فائديمند تعاون جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري جي فروغ، ايران سان رابطن ۽ ثقافتي تعاون کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي اهميت کي اجاگر ڪيو. فل??طين تي پاڪستان جي موقف جو ورجاءُ ڪندي وزيراعظم غزه ۾ فوري طور تي انساني بنيادن تي جنگبندي ۽ فل??طين لبنان جي خلاف جاري اسرائيلي جارحيت جي خاتمي تي زور ڏنو. ملاقات ۾ ايران پاڪستان گڏيل حمايت ۽ حص??داري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ به ڪيو ويو.