اسلام آباد – 25 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان لبنان ۾ تازن حملن جي ڏس ۾ پاڪستاني شهرين کي سختي سان مشورو ڏنو آهي ته اهي اڳئين اطلاع تائين لبنان جو سفر نه ڪن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران ج??ري بيان ۾ چيو ويو آهي ته لبنان ۾ رهندڙ پاڪستاني ڪمرشل اڏامن جي ذريعي ٻاهر جو سفر ڪن جيڪي اڃا به دستياب آهن. ترجمان چيو ته جيڪي ماڻهو ڪجهه مخصوص سببن جي ڪري لبنان نه ٿا ڇڏي سگهن اهي انتهائي احتياط ڪن ۽ محفوظ عل??ئقن ۾ رهن. سفارتخاني سان رابطي جي لاءِ موبائيل / واٽس ايپ جا نمبر + 961 – 81669488 ۽ + 961 – 81815104 جڏهن ته ??ي م??ل ايڊريس [email protected] آهي.