لاهور- 05 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز ??ريف اتر وزيرستان جي ضلعي اسپين وام واري عل??ئق?? ۾ خوارجي دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪاروائي ۾ 6 خوارجي دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم شهباز ??ريف دهشتگردن جو بهادري سان مقابلو ڪرڻ دوران جان جو نذرانو ڏيندڙ جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. وزيراعظم شهيد ٿيل اهلڪارن جي بلند درجن لاءِ دعا گهر??دي سندسن ڪٽنبن سان همدردي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج لازوال قربانيون ڏنيو آهن. هن وڌيڪ چيو ته پوري قوم شهيدن کي سلام پيش ڪري ٿي. پاڪ فوج ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جو عز م ڪيو آهي.