اسلام آباد-06 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري آچر ڏينهن فيصل آباد ۾ شهيد ليفٽيننٽ ڪرنل محمد علي جي رهائش گاهه تي ويو ۽ شهيد جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري ڪيل بيان مطابق صدر مملڪت شهيد ليفٽيننٽ ڪرنل محمد علي جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ شهيد لاءِ فاتحه خواني ۽ بلند درجن لاءِ دعا ڪئي. ليفٽيننٽ ڪرنل محمد علي گذريل ڏينهن اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن خلاف وڙهندي شهيد ٿي ويو هو. صدر مملڪت قوم طرفان شهيد ليفٽيننٽ ڪرنل محمد علي جي خدمتن ۽ بهادري کي خراج تحسين پ??ش ڪيو. صدر مملڪت شهيد ليفٽيننٽ ڪرنل محمد علي ۽ سندس خاندان جي وطن سان محب?? ۽ ??رباني جي جذبي کي ساراهيندي چيو ته پوري قوم شهيدن ۽ سندن خاندانن جي قربان??ن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. صدر مملڪت چيو ته قوم پنهنجي شهيدن ۽ ??نه?? جي قربان??ن کي ڪڏهن به نه وساريندو. صدر مملڪت شهيد جي ڪٽنب سان همدردي جو اظهار ڪيو ۽ صبر جي دعا ڪئي.