اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني اي??ان سان واپار، سلامتي، ثقافت ۽ تعليم جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪ?? ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ اي??ان جي وچ ۾ گهرا تاريخي، مذهبي ۽ ثقافتي لاڳاپا آهن ۽ پاڪستان جي عوام اي????ني عوام سان تمام گهڻو احترام ۽ محبت رکي ٿي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ ايوان صدر ۾ اي??ان جي سفير ڊاڪٽر رضا اميري مغدم سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات دوران وقتي صدر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان ۽ اي??ان ڪيترن ئي عالمي ۽ علائقائي فورمز جا فعال ميمبر رهيا آهن. ٻنهي ملڪن سان گڏوگڏ وسيع تر خطي سان رابطي کي فروغ ??يڻ جي لاءِ موجوده تعاون جي حقيقي صلاحيت کي استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي. اي????ني سفير ان ڳالهه تي اطمينان جو اظهار ڪيو ته پاڪستان گذريل سال اي??ان جو پنجون وڏو واپاري حصيدار هو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي واپار جي موجوده ڪاٿي کي 10 ارب ڊالر تائين وڌائڻ جا موقعا ڳولڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. خطي جي غيرمستحڪم صورتحال تي خيالن جي مٽاسٽا ڪندي سفير چيو ته اسان لبنان ۽ غزه ۾ نسل ڪشي جا واقعا ڏسي رهيا آهيون. هن 7 آڪٽوبر 2024ع تي آل پارٽيز ڪانفرنس (اي پي سي) منعقد ڪرڻ تي پاڪستان حڪومت کي ساراهيو ۽ وڌيڪ چيو ته اهو اسان جي فلسطيني ڀائرن ۽ ڀينرن جي حمايت ڪرڻ اسلامي دنيا جي لاءِ هڪ ماڊل جو ڪ?? ڪري سگهي ٿو. وقتي صدر ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان فلسطين ڪاز جي حمايت جي لاءِ پرعزم آهي. وقتي صدر ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ دوستي جي رشتن کي وڌيڪ مستحڪ?? ڪرڻ جي لاءِ پارليام??ني وفدن جي مٽاسٽا سميت عوامي رابطن کي وڌائڻ جي اهميت تي روشني وڌي. آخر ۾ وقتي صدر هر سال اي????ني مذهبي جاين جو دورو ڪندڙ پاڪست??ني زائرين کي سهولت فراه?? ڪرڻ تي اي????ني حڪومت جا ٿورا مڃيا. هن پاڪست??ني زائرين جي روح??ني سفر دوران اي????ني عوام جي گهري محبت ۽ لڳاءُ جو اعتراف ڪيو.