اسلام آباد – 01 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ قط?? علائقائي ۽ عالمي چئلينجن کي منهن ??يڻ جي لاءِ مسئلن جي پرامن حل ۽ تعاون تي ٻڌل ڪوششن جي اهميت تي زور ڏيندي ٻطرفن لاڳاپن ۾ گڏيل تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ ۽ نئين افق ڳولڻ جي لاءِ اعليٰ سطح جي دورن جي مسلسل مٽاسٽا جي اهميت تي اتفاق ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران وزيرا??ظم جي قط?? جي دوري جي حوالي سان جاري گڏيل پڌرنامي موجب وزيرا??ظم محمد شهباز شريف قط?? جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني سان اميري ديوان، دوحه ۾ ملاقات ڪئي جتي قط?? جي امير وزيرا??ظم ۽ ساڻس ??ڏ ايندڙ وفد جو استقبال ڪيو. وزيرا??ظم محمد شهباز شريف شاندار استقبال ۽ فراخدلاڻي مهمان نوازي تي ٿورا مڃيا، ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۽ مختلف شعبن ۾ موجوده تعاون کي فروغ ڏين جي خواهش جو اظهار ڪيو. وزيرا??ظم مختلف شعبن ۾ پاڪستان کي قط?? پاران فراهم ڪئي ويندڙ مسلسل حمايت کي ساراهيو. وزيرا??ظم پاڪستان ۾ اهم اقتصادي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي موقعن تي روشني وڌي. ملاقات ۾ ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي جنهن ۾ سيڙپڪاري ۽ واپار تي خصوصي زور ڏنو ويو ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ٻنهي ڌرين سيڙپڪاري جي گذريل وچنن جي ڏس ۾ پاڪستان جي ڪيترن ئي شعبن ۾ مختلف اهم موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. گڏيل دلچسپي جي اهم علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. قط?? جي امير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻي لاڳاپن جي اهميت ۽ اقتصادي حصيداري، واپاري مٽاسٽا کي وڌائڻ ۽ سيڙپڪاري کي فروغ ??يڻ جي ٻنهي ڌرين جي خواهش جو اظهار ڪيو. قط?? جي وزيرا??ظم ۽ پرڏيهي وزير عزت مآب شيخ محمد بن عبدالرحمان الثاني پڻ پاڪستان جي وزيرا??ظم محمد شهباز شريف سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻنهي ڌرين ٻطرفن لاڳاپن کي وڌائڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ معيشت، واپار، سيڙپڪاري ۽ ثقافتي مٽاسٽا جي شعبن ۾ تعاون جي لاءِ مختلف تجويزن تي غور ڪيو. وزيرا??ظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۾ اقتصادي ترقي ۾ تعاون جي لاءِ قط?? جي ڪردار تي ٿورا مڃيا، قط?? ۾ پاڪستاني ڪميونٽي جي هڪ وڏي انگ جي موجودگي کي ساراهيو جيڪا ٻنهي ملڪن کي ڳنڍڻ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪري ٿي. قط?? جي وزيرا??ظم ۽ پرڏيهي وزير خطي ۾ پاڪستان جي اهميت جو ذڪر ڪندي ٻنهي ملڪن جي گڏيل مفادن جي تڪميل جي لاءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي لاءِ قط??ي ڌر جي عزم جو اظهار ڪيو. ٻنهي ڌرين موجوده چئلينجن کي منهن ??يڻ جي لاءِ پرامن حل ۽ تعاون تي ٻڌل ڪوششن جي اهميت تي زور ڏيندي علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پاڪستان جي وزيرا??ظم خطي ۾ امن کي فروغ ??يڻ جي لاءِ قط?? جي سفارتي ڪوششن ۽ انساني بنيادن تي قدمن کي ساراهيو، خاص طور تي فلسطين مسئلي جي حوالي سان ثالث جي طور تي قط?? جي ڪردار ۽ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ ڪوششن جي حمايت جي عزم جو اظهار ڪيو. ٻنهي ڌرين گڏيل افهام تفهيم، تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ اعليٰ سطحي دورن جي مٽاسٽا کي جاري ??کڻ جي اهميت تي اتفاق ڪيو. دوري دوران قط?? جي امير ۽ وزيرا??ظم محمد شهباز شريف قط?? جي عجائب گهر جي اهتمام هيٺ نمائش ”منظر: پاڪستان ۾ آرٽ اينڊ آرڪيٽيڪچر 1940ع کان هيستائين“ جو دورو ڪيو.